English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ سنڌي فنڪارن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
131 views
|
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت ٻه اکيائي ڪندي اهو تاثر ڏنو آهي ته يا ته سنڌي فنڪار محب وطن ناهن يا ڪراچي سنڌ کان الڳ آهي:مظاھرين
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميلوحا آرٽ سرڪل جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري منور جوڻيجو ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر عزيز ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج سنڌ حڪومت طرفان رٿيل "معرڪه حق" جشن آزادي پروگرام مان سنڌي فنڪارن کي بي دخل ڪرڻ خلاف ڪيو ويو. احتجاج ۾ اداڪار، گلوڪار ۽ ڪراچي ڊويزن جي عهديدارن احسن جمالي، اصغر جوڻيجو، اصغر ميراڻي، آصف ڀٽو، ڪي بي ميتلو، اي ڊي جماڻي، واحد جماڻي، ثنا بلوچ، جي آر ساگر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري منور جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٻه اکيائي ڪندي اهو تاثر ڏنو آهي ته يا ته سنڌي فنڪار محب وطن ناهن يا ڪراچي سنڌ کان الڳ آهي. هن چيو ته فنڪارن کي جشن آزادي جي وڏي پروگرام ۾ شريڪ نه ڪرڻ سان فنڪار برادري ۾ شديد ڪاوڙ ۽ رنج پيدا ٿيو آهي، جيڪا ويساهه گهاتي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ان واقعي جي منصفاڻي جاچ ڪئي وڃي ته آخر ڇو سنڌي فنڪارن کي وطن جي آزادي جي ڏينهن تي وطن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ کان محروم ڪيو ويو. ڪراچي ڊويزن جي صدر عزيز ڀٽو چيو ته وطن سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو ڪو قيد نٿو هجي. “اسين سڀ پاڪستان جا محب وطن آهيون، پر ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت پاران جشن آزادي پروگرام مان سنڌي فنڪارن کي بي دخل ڪري دل آزاري ڪئي وئي آهي.”
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ انڊس اسپتال ۽ حڪومتِ سنڌ جي سهڪار سان ويڪسين مهم بابت اجلاس
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪريءَ ۾ هڪ جديد سهولتن سان فيضان آءِ ڪلينڪ جو افتتاح
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار واسي جوڙي جو تحفظ لاءِ ملير ۾ احتجاج
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ مرزا ۾ سنڌو درياءَ جي پنجن شھيدن کي ڀيٽا پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
ميلوحا آرٽ سرڪل جي سڏ تي ڪراچ
0 تبصرے