English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ يومِ استحصالِ ڪشمير تي شاندار ريلي، ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار
396 views
|
05th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام کي حقِ خود اراديت ڏنو وڃي: ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي ضلع عمرڪوٽ ۾ ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ ضلعي انتظاميه عمرڪوٽ پاران هڪ وڏي واڪ ريلي جو اهتمام ڪيو ويو، جيڪا ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين ڪڍي وئي، جڏھن ته ريلي جي قيادت ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ ڪئي، ان موقعي تي ريلي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، مختيارڪار عمرڪوٽ اظھر علي چاچڙ، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر عنايت الله ڪنڀر، هاءِ اسڪول ون جو پرنسپال دليپ ڪمار، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر گڻيش داس کتري،ھاءاسڪول ٽو جي پرنسيپال خالد خاصخيلي،ايکسايز کاتي جي علي محمدچانڊيو ،۽ وينجراج ميگھواڙ، تعلقه ايجوڪيشن آفيسرن، ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ جو ٽائون آفيسر اويس سميجو، مختلف سرڪاري آفيسرن، بلدياتي نمائندن، سول سوسائٽي جي نمائندن مير حسن آريسر، عبدالله کوسو، صحافين، مختلف اسڪولن جي شاگردن، استادن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ ڪشمير جي حمايت ۾ بينرز، پلي ڪارڊ ۽ پاڪستاني و ڪشميري جهنڊا کنيل هئا، جن تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ ڀارتي ظلمن خلاف نعرا لکيل هئا، ريلي جي شرڪت ڪندڙن ڀارتي حڪومت پاران 5 آگسٽ تي قبضي هيٺ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ واري غير آئيني قدم جي سخت مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام کي حقِ خود اراديت ڏنو وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ظلم ۽ جبر کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڪستاني قوم هر فورم تي انهن لاءِ آواز اٿاريندي رهندي، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن "يومِ سياه" طور ملهايو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ ڀارت اڄ جي ڏينهن تي ڪشمير جي رياستي حيثيت ختم ڪري ظلم ڪيو، اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميري ڀائرن کي پنهنجو حق ڏنو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪَ چيو ته انشاالله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشمير پاڪستان جو حصو ٿيندو، ھن چيو ته اڄ جو ڏينهن ان عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ هميشه گڏ رهندو، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ڀارت جو ظلم تمام گهڻي دير تائين انهن جي آواز کي دٻائي نه سگهندو، هن وڌيڪَ چيو ته ڪشميرين تي ظلم بند ڪيو وڃي ۽ جيڪي هو چاهين ٿا، اهو کين ڏنو وڃي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، سماجي تنظيم CSSP جي ضلعي مينيجر مير حسن آريسر ۽ ٻين به خطاب ڪيو، ريلي جي آخر ۾ مولانا عبدالقادر جمالي پاران پاڪستان جي سلامتي، وقار ۽ شهيدنِ ڪشمير لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي، ٻي طرف عمرڪوٽ جي ٻين تعلقه هيڊڪوارٽرن ۽ مختلف اسڪولن ۾ به ڪشمير جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
گڏيل قومن
يومِ استحصالِ ڪشمير
0 تبصرے