ٺٽي ۾ جشن آزادي”معرڪہ حق“ جي تناظر ۾ ملهائڻ جي حوالي سان تقريب منعقد

هن سال آزادي جي ڏينهن جو موضوع "معرڪہ حق" آهي، پاڪ فوج دُشمن کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو: منور عباس سومرو

ٺٽي ۾ جشن آزادي”معرڪہ حق“ جي تناظر ۾ ملهائڻ جي حوالي سان تقريب منعقد

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ضلعي انتظاميہ ٺٽو پاران يوم آزادي 14 آگسٽ جو جشن سچائي جي جدوجهد جي فتح ”معرڪہ حق“ جي تناظر ۾ پھرين آگسٽ کان ملهائڻ جو آغاز ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي اڳواڻي ۾ تاريخي شاهجهان مسجد ۾ "دعاءِ خير" سان ڪيو ويو۔ دُعا ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو شاڪر فهيم، اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاڙي فراز احمد عباسي کان علاوہ روينيو، تعليم، سوشلويلفيئر، پوليس، اطلاعات ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ عملي سميت مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شاهجهان مسجد جي خطيب مفتي محمد شاڪر صديقي پاران پاڪ فوج جي شهيدن جي مغفرت ۽ بلند درجن سميت مُلڪ ۽ قوم جي سالميت، استحڪام، تعمير ۽ ترقي لاءِ دعا گهري وئي. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته هن سال آزادي جي ڏينهن جو موضوع "معرڪہ حق" آهي. هن چيو ته پاڪ فوج دُشمن کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن جي خوشي ۾ آزادي جو ڏينهن حب الوطني جي جذبي سان ملهايو ويندو. هُن چيو ته زنده قومون پنهنجن هيروز کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن ۽ پنهنجا قومي ڏينهن باوقار انداز ۾ ملهائينديون آهن، اهو ئي سبب آهي ته سچ جي جنگ جي فتح کان پوءِ پھرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين ضلعي ۾ روزاني جي بنياد تي آزادي جي موضوع تي تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر تاريخي شاه جهان مسجد جي احاطي ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح پڻ ڪيو.