نوان جتوئي ۾ قتل ٿيل فوجي جوان جو مڙهه پنوعاقل ڇانوڻي مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي

فوجي جوان نادر علي کوسو جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي

نوان جتوئي ۾ قتل ٿيل فوجي جوان جو مڙهه پنوعاقل ڇانوڻي مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي

نوشھروفيروز(ڊ ر) نوشھرو فيروزڀرسان ڻوان جتوئي شھر ۾ کوسا ذات جي ٻن ڌرين وچ م معمولي ڳالھ تان ٿيندڙ ننڍڙن جهيڙن کان پوء ڪالهه وري گولي لڳڻ سبب فوجي نوجوان نادر علي کوسو قتل ٿي ويو جنهن جو لاش پني عاقل ڇانوڻي مان پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوجي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو . نوجوان فوجي نادر علي کوسو جي قتل ڪيس ۾ 6 سڃاتل ۽ 5 نامعلوم ماڻهن خلاف ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي۔ جڏهن ته کيس اڄ پاڪ فوج جي جوانن جي سلامي سان کيس پنهنجي اباڻي قبرستان سيد صابرشاه تي سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ۔جنازي نماز ۾ شهرين استادن صحافين اديبن سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ کوسا برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۔جڏهن ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن پاران قتل ۾ ملوث ڄاڻايل دعا بلڊر جي سڪندر علي کوسو جي گهر ۽ پئٽرول يونٽ کي پڻ باه ڏني وئي جنهن کي مورو مان فائربرگيڊ جي ٻن گاڏين وسيلي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مگر گهر ۾ پيل سمورو الهه تلهه مڪمل سڙي ويو ۔