English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ جشن آزادي جو ڏھاڙو ملهائڻ بابت اجلاس
117 views
|
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ جشن آزادي جو ڏھاڙو ۽ معرڪہ حق جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار هال مڪلي ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته زنده قومون ڪڏهن به پنهنجن هيروز کي نه وسارينديون آهن ۽ پنهنجا قومي ڏينهن باوقار انداز ۾ ملهائينديون آهن، اهو ئي سبب آهي ته معرڪہ حق جي فتح کان پوءِ پوري ضلعي ۾ پھرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين روزانو آزادي جي موضوع تي مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پھرين آگسٽ کان شهر جي سڀني سرڪاري ۽ خانگي عمارتن ۽ مختلف چوراهن ۽ اهم هنڌن کي قومي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويندو ۽ مختلف اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ قومي گيت، تقريري مقابلا، ٽيبلوز ۽ مختلف رانديون منعقد ڪيون وينديون. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اسان جي وڏڙن پنهنجي عظيم قربانين ۽ جدوجهد ذريعي پيارو وطن پاڪستان حاصل ڪيو، جنهن جي بدولت اڄ اسان پنهنجي مرضي ۽ آزادي سان زندگي گذاري رهيا آهيون. هن چيو ته 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏينهن ضلعي انتظاميه پاران پوليس لائن گرائونڊ مڪلي ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي ويندي. هُن سمورن کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ھو پنهنجي آفيسن ۾ آزادي جي ڏينهن جون تقريبون منعقد ڪن ۽ سڀني سرڪاري ۽ خانگي آفيسن کي جشن آزادي جي جهنڊن سان سينگاريو ۽ روشن ڪيو وڃي. هن لوڪل گورنمنيٽ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهرن ۾ صفائي سٿرائي ۽ روشني کي يقيني بڻايو وڃي. هن سوشل ويلفيئر کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته مختلف سماجي تنظيمن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن سان گڏجي پروگرام منعقد ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته جشن آزادي جي پروگرامن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم کان علاوه صحت، تعليم، پوليس، رينجرز، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
0 تبصرے