نوشهروفيروز ۾ ميونيسپل ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري

نوشهروفيروز ۾ ميونيسپل ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري

نوشهروفيروز (ڊ ر) ميونيسپل ڪميٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ گذريل ٻن کان احتجاج جاري آهي ته ٻئي سي ايم او عبدالفتاح تڳر ملازمن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پهتو جتي ملازمن ۽ سي ايم او ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن جن پنهنجي جي حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ملازمن نئين پگهار نه ملڻ، پينشن پوري نه، ڊفرنس ۽ پگهار مان ڪٽوتي خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو يونين اڳواڻن ڪشن راجہ ،عمران راڄپر، مولابخش شيخ، جاويد شيخ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ۽ نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ملازمن چيو ته جائز مسئلا حل نه ٿا ڪيا وڃن جيڪا زيادتي آهي ميونسپل آفيسر مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ داٻا پيو ڏئي اسان پنهنجا جائز حق وٺڻ تائين چپ ڪري نه ويهندا سين چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ ۽ سي ايم او عبدالفتاح تڳر ناني ويڙھو ٺاهي ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن جن ڪرپشن ڪرڻ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن هنن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جي بجيٽ کي پنهنجي شاهي خرچن اڏايو پيو وڻ ۽ لوهه وڪرو ڪيو ويو پگهارن مان ڪٽوتي ڪرڻ جو سلسلو رڪجي نه ٿو هنن اعلي اختيارين کان مطالبو چيئرمين ۽ سي ايم او جي ڪيل ڪرپشن ۽ رشوت خوري خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي سي ايم او عبدالفتاح تڳر مهراڻ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون جنهن لاءِ ملازمن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ويس ته انهن ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي اسان ملازمن جي نئين پگهار، ڊفرنس به ڏينداسين پر ان لاءِ ٽيبل ٽاڪ ضروري آهي ڪٽوتي ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي اسان جي اچڻ کان پوءِ ميونيسپل ڪاميٽي ۾ بهتري آئي آهي