اسٽيل مل جي سي اي او ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، عدالتي حڪمن باوجود برطرف پورهيتن کي بحال نه پيو ڪيو وڃي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان اسٽيل مل جي برطرف پورهيتن اسٽيل ٽائون ۾ اسٽيل مل جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيس کي علامتي تالو پڻ هنيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي پورهيت اڳواڻ ڌڻي بخش سمون ڪري رهيو هو.پورهيتن جو چوڻ هو ته اسٽيل مل جي سي اي او ظلمن ۽ زيادتين جي انتها ڪري ڇڏي آهي، عدالت جي حڪمن باوجود برطرف ٿيل پورهيتن کي بحال نه پيو ڪيو وڃي، جيڪو توهينِ عدالت جي زمره ۾ اچي ٿو. اڳواڻن الزام هنيو ته اسٽيل مل انتظاميا هزارين پورهيتن کي جبري برطرف ڪري معاشي قتل عام ڪيو آهي.احتجاج ڪندڙن چيو ته اسٽيل مل انتظاميا طرفان اسٽيل ٽائون مان رهواسين کي بيدخل ڪرڻ لاءِ گئس ۽ بجلي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، ۽ هاڻ رهواسين کي ڳرا بجلي جا بل موڪلي، کين زبردستي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن وفاقي حڪومت کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وفاقي سطح تي اسٽيل مل جي پورهيتن سان ٿيندڙ زيادتين تي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي، جيڪا قابل مذمت آهي.پورهيت اڳواڻن خبردار ڪندي چيو ته جيستائين برطرف پورهيتن کي بحال نٿو ڪيو وڃي، ۽ گئس، بجلي سميت بنيادي سهولتون بحال نٿيون ڪيون وڃن، تيستائين احتجاج جاري رهندو. پورهيت دشمن فيصلا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.
0 تبصرے