English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاھ لطيف ٽائون ڀرسان ٽيڪسٽائل ڪمپني جي پورهيتن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو، پوليس جي هوائي فائرنگ
200 views
|
28th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس پهچي مظاهرين تي هوائي فائرنگ ڪري ڏني، احتجاج ۾ شريڪ عورتن ۾ رڙيون پئجي ويون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ٽائون ڀرسان منزل پمپ وٽ واقع خانگي ٽيڪسٽائل ڪمپني جي پورهيتن پاران پگهارن ۾ ڪٽوتي، ٺيڪيداري نظام ذريعي جبري برطرفين ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ پورهيتن ڪمپني جو مک دروازو بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪم بند ٿي ويو.احتجاج جي اطلاع تي پوليس پهچي هوائي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب احتجاج ۾ شامل عورتن ۾ خوف و هراس پکڙجي ويو احتجاج ڪندڙ پورهيتن ڪمپني انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ٺيڪيدار نظام ذريعي مزدورن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، اجرتون گهٽ ڪيون پيون وڃن ۽ بغير ڪنهن نوٽيس جي ملازمن کي نوڪرين تان هٽايو پيو وڃي.مزدورن الزام هنيو ته مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب بيروزگاري وڌي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪمپني جي گارڊن پاران هوائي فائرنگ ڪري دهشت جو ماحول پيدا ڪيو ويو، جڏهن ته انتظاميا پوليس گهرائي، احتجاج ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. احتجاج ڪندڙ اعلان ڪيو ته جيستائين انهن جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا وڃن ٿا، تيستائين احتجاج جاري رهندو، ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شاھ لطيف ٽائون
ٽيڪسٽائل ڪمپني
0 تبصرے