ايم اين اي نيلم ڪماريءَ پاران مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جو تفصيلي دورو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر نيلم ڪماريءَ ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جو تفصيلي دورو ڪيو، مسلم ليگ ن جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران سندن شاندار آجيان ڪئي وئي، دوري دوران نيلم ڪماريءَ مسلم ليگ ن ٿرپارڪر جي ضلعي قيادت سان ملاقاتون ڪري تنظيم سازي، عوامي مسئلن ۽ ترقياتي رٿائن بابت ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي هن چيو ته ٿر معدني وسيلن سان مالا مال آهي، پر هتي جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، هن خاطري ڪرائي ته ٿرپارڪر جا مسئلا قومي اسيمبليءَ تائين پهچايا ويندا ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي،
0 تبصرے