ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)صلاحڪار سيڪريٽريٽ صوبائي محتسب سنڌ پاران حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پگهارن، پينشن، جي پي فنڊ، گريجوئيٽي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي. صلاحڪار سيڪريٽريٽ صوبائي محتسب سنڌ فصيح الدين ۽ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ٺٽو ۽ سجاول هارون احمد خان پاران حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي اڪائونٽس آفيس ٺٽو جي احاطي ۾ کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي حاضر سروس سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن، جي پي فنڊ، ايل پي آر ۽ ٻين مسئلن بابت شڪايتون ۽ مسئلا ٻُڌي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد حل ڪيا وڃن. هُن ضلعي اڪائونٽس آفيسر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي مسئلن کي قاعدن ۽ ضابطن مطابق جلد کان جلد حل ڪن ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي پريشاني کي مُنهن ڏيڻو نہ پوي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فصيح الدين چيو ته کليي ڪچھري دوران وصول ٿيندڙ شڪايتون جيڪي فوري حل طلب ھيون، انھن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آھن. هن چيو ته صوبائي محتسب جو اداررو عوامي شڪايتن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي، جيڪو عوام کي بغير ڪنهن وڪيل، دير ۽ بنا ڪنهن فرق جي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن عوام کي صلاح ڏني ته اهي پنهنجون شڪايتون هڪ سادي ڪاغذ تي محتسب جي آفيس ۾ جمع ڪرائين ته جيئن مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي سگهجن. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ٺٽو ۽ سجاول هارون احمد خان چيو ته محتسب جو ادارو عوامي شڪايتن جي فوري حل لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، جتي شهري بغير ڪنهن وڪيل جي پنهنجون شڪايتون درج ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته محتسب جو ادارو صوبائي سرڪاري کاتن جي بدانتظامي سميت ٻارن تي تشدد ۽ عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف پڻ مفت ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ادارو آهي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ذوالفقار علي انصاري چيو ته اسان ڪنهن به ايجنٽ کان ڪم نه وٺندا آهيون جڏهن ته لاڳاپيل کاتن جي فوڪل پرسنز ذريعي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سرڪاري ملازمن جي بنيادي مسئلن کي فوري حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. کلي ڪچھري ۾ سب رجسٽرار محتسب ٺٽو محمد حنيف پنهور، اڪائونٽنٽ افضل حسين چانڊيو، اعجاز علي راهپوٽو، سب اڪائونٽنٽ سليم گاڏھي، گُل محمد مري ۽ ٻين عملدارن سميت حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن پڻ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے