فائنل ميچ دوران ف ليگ جي صوبائي نائب صدر فقير خضر حيات مڱريو فاتح ٽيم کي ٽرافي سان گڏ رانديگرن ۾ انعام پڻ ورهايا
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ٽورنامينٽ جو الفتح ڪرڪيٽ ڪلب چيمپئين بڻجي ويئي، رانديگرن ۾ خوشي جي لھر خبر موجب عمرڪوٽ ۾ مرحوم فقير جادم منڱريو جي ياد ۾ ھلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ ڪالھ درگاھ حضرت ميان جان محمد جي گرائونڊ تي ٿيو جتي فائنل ميچ دوران الفتح ڪرڪيٽ ڪلب ورسس فقير جادم منڱريو ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ شاندار مقابلو ٿيو ان موقعي تي الفتح ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جن ۾ الفتح جي بيسٽ مين آصف علي 6 ڇڪا ۽ 4 چونڪا ھڻي 63 رنسن جو اسڪور تي نمايان رهيو ۽ 10 اورن ۾ الفتح ڪرڪيٽ ڪلب 137 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جڏھن ته ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي فقير جادم منڱريو ڪرڪيٽ ڪلب 95 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ 14 رنسن جي سرسي تي الفتح ڪرڪيٽ ڪلب ٽورنامينٽ جو چيئمپيئن بڻجي ويئي جڏھن ته فائنل ميچ دوران مھمان خاص فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي نائب صدر فقير خضر حيات منڱريو طرفان مين آف دي ميچ آصف علي کي ڏنو ويو مين آف دي سيريز شھاب علي کي ڏنو ويو ۽ ٻين رانديگرن کي پڻ انعام ڏنا ويا ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي بھتر ڪوريج ڪرڻ تي صحافين روزاني نئون سج جي رپوٽر ڪانجي مل رکيسر، غلام مصطفي مھر، اشوڪ ڪمار، سوائي مل کي شيلڊ ايوارڊ ڏنا ويا ميچ جي فائنل ۾ فقير خضر حيات منڱريو سان گڏ ايم ايس ايف جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو، ايڊووڪيٽ يوسف منڱريو، ايڊووڪيٽ خميسو چوھاڻ، درگاھ ميان جان محمد جي گادي نشين غلام محمد ڪيريو، نور جادم منڱريو، ڊاڪٽر غلام رسول منڱريو، ڊاڪٽر قمرالدين منڱريو، ماستر مظفر حسين منڱريو، شھزاد منڱريو، فيصل حيات منگريو، راشد منڱريو، علي حسن منڱريو، مجنون خان ڪيريو، الياس راجڙ، عبدالسلام مھر سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي نوجوانن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي جڏھن ته ٽورنامنٽ ۾ ضلعي جي مختلف ٽيمن حصو ورتو
0 تبصرے