شڪارپور ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان اجلاس

شڪارپور ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان اجلاس

شڪارپور ( احسان ابڙو )جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان شڪارپور ۾ پاڪستان جي باشعور طلباء تحريڪ انجمن طلباء اسلام شڪارپور جو اهم اجلاس شڪارپور جي نجي هوٽل تي ٿي گذريو اجلاس جي ايجنڊا 1500 سالا جشن عيد ميلاد النبي ﷺ ڀرپور نموني سان ملائڻ شڪارپور ۾ چوڪ چوراهن تي جهنڊا پينا فليڪس وال چاڪنگ ڪئي ويندي ۽ لبيڪ يارسول ﷲ ﷺ موٽر سائيڪل ريلي جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو اجلاس جي صدارت صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني مرڪزي رهنما انجمن طلباء اسلام پاڪستان ڪئي اجلاس ۾ متفق طور تي فيصلو ڪيو ويو ته 20 سالن کان شڪارپور ۾ ٿيندڙ لبيڪ يارسول ﷲ ﷺ موٽر سائيڪل ريلي جي ڪاميابيءَ جي حوالي سان گڏجاڻي ڪئي وئي اجلاس ۾ ڪامران رضا عطاري جنرل سيڪريٽري انجمن طلباء اسلام صوبه سنڌ باز محمد مصطفائي جنرل سيڪريٽري انجمن طلباء اسلام، پريس ترجمان احسان اللہ معرفاڻي ،فريد احمد ابڙو ڪاشف علي منگي ۽ ٻيا موجود هئا اجلاس ۾ اڳواڻن چيو ته ويهن سالن کان شڪارپور ۾ انجمن طلباء اسلام طرفان لبيڪ يارسول ﷲ ﷺ موٽر سائيڪل 25 آگسٽ بروز سومرو جي ڏينهن شڪارپور جي سر زمين تي لبيڪ يارسول ﷲ ﷺ سرڪار جي آمد مرحبا جون صدائون بلند ڪيو وينديون جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جو مقصد ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ جي سيرت ۽ سندس جي زندگيءَ تي روشني وجهڻ ۽ نوجوانن ۾ عشق رسول ﷺ جي محبت پيدا ڪرڻ آهي