ايم اين اي نيلم ڪماري قومي اسيمبلي واري سيٽ تي ٻيھر بحالي بعد عمرڪوٽ پُھتي، شاندار آجيان
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) قومي اسيمبلي ميمبر ايم اين اي نيلم ڪماري جي قومي اسيمبلي واري سيٽ تي ٻيھر بحالي بعد عمرڪوٽ پُھتي، شاندار استقبال، مختلف برادرين جي معززين ۽ عورتن طرفان سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تعفا پيش ڪندي کيس مبارڪون ڏنيون ويون. خبر موجب قومي اسيمبلي جي ميمبر ايم اين اي نيلم ڪماري اسيمبلي واري سيٽ تي ٻيھر بحالي بعد عمرڪوٽ پُھتي ته سندن جو خوشي وچان مختلف ھنڌن تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ مختلف برادرين جي معززين ۽ عورتن پاران سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تعفا پيش ڪندي مبارڪون پڻ ڏنيون ويون ڪالھ موتياڻي ھائوس عمرڪوٽ تي ايم اين اي نيلم ڪماري جي آمد جي اطلاع تي ميگھواڙ برادري سميت مختلف برادرين جي عورتن علائقي واسين پُھچي کيس مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي ايم اين اي نيلم ڪماري سڀني آيل معزز مھمانن ۽ عورتن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته آئون پارٽي قيادت جي تمام گھڻي ٿورائتي آھيان جن مون تي اعتماد ڪندي قومي اسيمبلي جي پليٽ فارم تي عمرڪوٽ ضلعي سميت ٻين علائقن جي عوام جي مدد خاطر چونڊيو ويو آھي ھن چيو ته منھنجي وڌ کان وڌ ڪوشش رھندي ته آئون ھر غريب مسڪين مظلوم ماڻھو جو آواز اعلي ايوانن تائين پُھچائڻ لاء ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪندس ۽ انھن جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرايا ويندا ھن چيو ته عمرڪوٽ ضلعي جي عوام جو پيئڻ جي صافي پاڻي، تعليم صحت سميت ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاء ڪوششون ورتيون وينديون جڏھن ته ان موقعي تي ايم اين اي نيلم ڪماري جي والد موهن لال موتي، مسلم ليگ ن ضلع جي اڳواڻ سيد صفدر علي شاهه، زوهرين علي شاهه، وشنداس ڪماليه، عبدالغفور آرائين، عبدالعزيز نهڙي سميت ٻيا به موجود ھئا جڏھن ته بعد ۾ ايم اين اي نيلم ڪمار عمرڪوٽ شھر جي پارڪريا پاڙو ۾ رميش ڪمار ميگھواڙ، مھيش ڪمار، مڪيش ڪمار ۽ ٻين سان سندن والده جي ديھانت تي تڏي تي پُھچي ڏک پڻ ونڊيو.
0 تبصرے