English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس جي شاگردن جو انتظامي ناانصافين خلاف احتجاج
165 views
|
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي شاگردن پاران انتظاميه جي مسلسل ناانصافين، بنيادي سهولتن جي اڻاويلي ۽ تدريسي نظام جي تباهي خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري دوران شاگردن هٿن ۾ بينر کڻي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي راجا سوڻيکي، اياز مري، افضل ڪنڀر، رضا سومرو، علي اڪبر مهر، جگديش ڪمار، جئپال چوھاڻ ۽ ٻين شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيمپس ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي تائين موجود ناهي، عمارتون مڪمل طور تي زبون حالت ۾ آهن، بجلي جو نظام خراب آهي، تدريسي اسٽاف جي کوٽ سبب ٻين عملي کان پڙهائڻ جو ڪم ورتو پيو وڃي، پريڪٽيڪل ليبارٽريون غير فعال بڻيل آهن، جنهن ڪري تعليم جو معيار سخت متاثر ٿيو آهي، شاگردن وڌيڪَ چيو ته استادن ۽ ملازمن جون مهينن کان پگهارون بند آهن، جنهن سبب انهن ڪم جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ ڪيمپس جي ٽرانسپورٽ ۽ آفيسون مڪمل طور بند پيل آهن، جڏهن ته اسين شاگرد مهانگيون فيسون ڀري تعليم کان محروم آهيون، هنن الزام لڳايو ته پرو وائيس چانسلر پنهنجي من پسند ماڻهن ذريعي دانسته احتجاج ڪرايو ته جيئن شاگردن کي تنگ ڪيو وڃي، جڏهن ته شام جو ساڳئي اداري ۾ هلندڙ "ايڪسس پروگرام" جي شاگردن کي غير قانوني طور سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن پيون، جيڪو واضع طور تي ٻيھرائپ کي ظاهر ڪري ٿو، شاگردن چيو ته ٽنڊوڄام يونيورسٽي جي هدايتن جي باوجود ڪيمپس انتظاميه وقت تي فيس چالان جاري نه ڪيا، ۽ جڏهن جاري ڪيا ويا ته تدريسي عمل اڳ ۾ ئي بند هو، آخر ۾ شاگردن هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پرو وائيس چانسلر کان مطالبو ڪيو ته شاگردن جا مسئلا فوري طور حل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس
0 تبصرے