ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ۾ اجلاس

اجلاس ۾ برساتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان تيارين جو جائزو

ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ۾ اجلاس

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ ايندڙ سانوڻي جي برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيارين بابت مختلف اين جي اوز جي نمائندن سان دربار هال مڪلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر مهرين اقبال سومرو ۽ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو سڀني اين جي اوز جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا هنگامي منصوبا جلد کان جلد تيار ڪري جمع ڪرائين ۽ گڏو گڏ پنھنجي پنھنجي شعبن ۽ علائقن جا تفصيل فراهم ڪن ته جيئن برساتن دوران سندن خدمتون حاصل ڪري سگهجن. هن سڀني اين جي اوز جي نمائندن تي زور ڏنو ته امڪاني برساتن دوران ضلعي انتظاميه سان ويجهي ۽ مربوط رابطي ۾ رهن ته جيئن امڪاني متاثرين کي بروقت امداد فراهم ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سڀئي اين جي اوز برساتن کان اڳ پنهنجون تياريون مڪمل ڪن ته جيئن امڪاني متاثرين کي هر قسم جي مدد يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي جيڪا هفتيوار اجلاس منعقد ڪري هڪ بهتر ۽ اثرائتي حڪمت عملي جوڙيندي. هن اين جي اوز جي نمائندن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته برساتن دوران امڪاني متاثر ٿيندڙ ماڻھن جو سروي ڪري تفصيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ته جيئن امدادي ڪمن کي آسان بڻائي سگهجي. هن چيو ته امڪاني ايمرجنسي دوران اسسٽنٽ ڪمشنرن جي آفيسن سميت ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ته جيئن ريسڪيو، رليف ۽ امدادي ڪم بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ واري حالتن دوران متاثرين کي هر ممڪن مدد يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي سڀني اين جي اوز جي نمائندن اجلاس کي پنهنجي شعبن جي ڪم ۽ برساتن دوران خدمتن جي فراھمي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.