English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
الميو آھي ته سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين جو تعليمي معيار عالمي معيار وارو ناھي: اياز لطيف پليجو
70 views
|
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جي ھر ضلعي ۾ آئي ٽي، ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ايگريڪلچر يونيورسٽيز ٺاھي سنڌ جي نوجوانن ۽ نياڻين کي اعلي تعليم جا موقعا ڏنا وڃن. المناڪ صورتحال آھي تہ سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين جو تعليمي معيار عالمي معيار وارو ناھي.موجود يونيورسٽين جي تعليمي معيار کي عالمي معيار مطابق بھتر بنائڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا جا سڌريل ملڪ تعليم ۽ سائنس ذريعي اڳتي وڌيا آھن. سنڌ جا نوجوان پڙھڻ چاھين ٿا، اعلي تعليم چاھين ٿا پر سنڌ ۾ ايتريون يونيورسٽيز ناھن. گنجائش ناھي رکي وئي جنھنڪري ھر ضلعي ۾ ھزارين نوجوان اعلي تعليم کان رھجي وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران طبقي جا نوجوان اعلي تعليم لاءِ ٻاھرين ملڪن ۾ وڃن ٿا پر جيڪي حڪمران طبقي جا ناھن. امير ناھن. شاھوڪار ناھن، آھي صرف انڪري رھجي وڃن ٿا جو يونيورسٽين ۾ ايتري گنجائش ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ھر ضلعي کي تعليمي مرڪز بنائڻ گھرجي. بھترين لائبرريون ٺاھڻ گھرجن. تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪندي ۽ ملڪ اڳتي وڌي سگھي ٿو. ڪرپشن ھر مسئلي جو بنياد آھي. جنھنڪري سان جو تعليمي نظام درھم برھم آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين
قومي عوامي تحريڪ
حيدرآباد
ayaz latif palijo
0 تبصرے