ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

روهڙي:پارڪ جي چوديواري ٺاهيندڙ ٺيڪيدار بيٺل وڻ غير قانوني طور وڍائي وڪڻي ڇڏيا

سنڌي خبرون 07th Nov 2023 264 مناظر

ٽريڪر ٽرالي ڊرائيور فيروز پٺاڻ، عرض سومرو، علي حسن، علي شير سومرو ۽ گلاب خان پٺاڻ گرفتار

روھڙي (رپورٽر) روهڙي واري علائقي ريلوي ڪالوني لوڪوشڊ ۾ محمدي پارڪ (جنازي گاھ) جي چوديواري ٺاهڻ واري ٺيڪيدار محمدي پارڪ جنازي گاھ ۾ لڳل سرسبز قيمتي ڇانوَ وارا وڻ غيرقانوني طور ڪٽائيندي گاڏيون ڀري وڪروڪري ڇڏيا۽ ڪجھ رھجي ويل وڻ ٽريڪر ٽرالين ۾ ڀري وڪڻڻ وڃي رھيو ھو ته ريلوي اختيارين غيرقانوني وڻ ڪٽڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جون وائرل ٿيل وڊيو ڏسندي ئي سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ پوليس کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيوجنھن بعد ريلوي پوليس ڪٽيل وڻن کي وڪري لاءِ کڻي ويندڙ مزدورن ۽ ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ريلوي ٿاڻي تي نيو ويو جڏھن ته مذڪوره ٺيڪدار فرار ٿي ويو ٻئي پاسي پوليس اصل ڏوھاري ٺيڪدار کي آجو قرار ڏيندي فقط ٽريڪر ٽرالي ڊرائيور سميت 5 پورھيتن جن ۾ فيروز پٺاڻ , عرض محمد سومرو ,عليحسن سومرو, علي شير سومرو ۽ گلاب خان سليمان خيلي پٺاڻ شامل آهن جن تي سرڪاري ملڪيت کي نقصان ۽ چوري جو ڪيس داخل ڪري سمورن جڻن کي ريلوي ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمن سميت سوشل تنظيمن پاران ريلوي اختيارين , ميونسپل ڪميٽي روهڙي انتظاميه ۽ ٻيلي کاتي سميت ماحوليات کاتي کان گهر ڪئي آ ته ٺيڪيدار جنازي گاھ پارڪ ۾ موجود قيمتي ۽ قديمي وڻن کي غير قانوني طور وڍرائي سخت ڏوھ ڪيو ۽ پبلڪ پراپرٽي مان يعني پارڪ مان لکين روپين جا دروازا ۽ گرليون ڪڍي ڪٻاڙي کي وڪرو ڪيون آهن اھڙي لاپرواهي تي ٺيڪيدار ۽ مٿس سياسي پٺڀرائي ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي سمورن ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري قانوني گرفت ۾ آڻي ٺيڪدار کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ