جمعہ، 27 نومبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ضلعي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي گھرن جي تعمير لاءِ رقم جاري ڪئي وئي: صادق علي ميمڻ

سنڌي خبرون 27th Nov 2026 2 مناظر
ٺٽي ضلعي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي گھرن جي تعمير لاءِ رقم جاري ڪئي وئي: صادق علي ميمڻ

پهرين مرحلي ۾ 14 هزار 669 متاثرين کي رقم جي ادائيگي ڪئي وئي آھي: پ پ ايم اين اي

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي اندر 24 هزار 7 سئو 16 ٻوڏ ۽ برسات متاثر ماڻھن کي سنڌ حڪومت پاران گهرن جي تعمير واري لسٽ ۾ شامل ڪري پهرين مرحلي ۾ 14 هزار 6 سئو 69 متاثرين کي گهر تعمير ڪري ڏيارڻ لاء رقم جي ادائيگي ڪئي وئي آھي جن مان 10 هزار 9 سئو 9 گهر مڪمل ٿي چڪا آھن جڏھن ته ساحلي علائقي ڪيٽي بندر ۾ گهرن جي تعمير وارو معاملو سامونڊي پاڻي جي سِي پيج سبب رولڙي ۾ پئجي ويو آهي جنهن بابت سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آھي تہ اُتي ڪاٺ وارا گهر تعمير ڪرائي ڏياريا وڃن، اهڙو اظھار ايم اين اي صادق علي ميمڻ ٻوڏ متاثرين کي سنڌ حڪومت پاران پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت گهر تعمير ڪرائي ڏيارڻ بابت سڏايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اُن موقعي تي سماجي اداري ايس پي ايس ايف جي هيڊ آفيس جي مئنيجر محمد عثمان ۽ سماجي اداري هينڊز جي ضلعي مئنيجر محبوب علي لُنڍ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران مختلف عالمي ادارن جي سهڪار سان ٺٽي ضلعي جي چئن تعلقن ٺٽو ميرپورساڪرو گهوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 2022ع جي ٻوڏ ۽ برسات جي تباھ ڪارين سبب متاثر ٿيل 24 هزار ماڻھن کي سروي ۾ شامل ڪري کين گهرن جي تعمير لاء منتخب ڪيو ويو جن مان ڪيٽي بندر تعلقي ۾ 3 هزار 23 گهر متاثرين کي تعمير ڪرائي ڏيارڻا هئا پر سامونڊي ويرن جي چڙھڻ ۽ سِي پيج سبب اُنھن متاثرين جي گهرن جي سيمينٽ سان تعمير وارو معاملو روڪيو ويو آھي ڇاڪاڻ جو اُتي سامونڊي طوفانن توڙي ويرن ۽ ماحولياتي تبديلين سبب گهرن جي تعمير صرف ڪاٺ ذريعي ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿي. هنن ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي اندر في ٻوڏ متاثر کي 3 لک روپيه ٽن قسطن ۾ گهرن جي تعمير لاء رقم ادا ڪئي پئي وڃي پهرين مرحلي ۾ 14 هزار 6 سئو 69 متاثرين کي رقم جي ادائيگي ٿيڻ بعد 10 هزار 9 سئو 9 گهر تعمير ٿي چڪا آھن ۽ باقي گهرن جي تعمير جو ڪم جاري آھي، جڏھن ته اهو پڻ انڪشاف سامهون آيو ته زميني معاملن سبب ٺٽي ضلعي جي 11 هزار 3 سئو 25 متاثرين کي گهر تعمير ڪرائي ڏيارڻ وارو معاملو رولڙي ۾ پئجي ويو آھي. اُن موقعي تي ايم اين اي ۽ پ پ ٺٽي جي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنهور، وائيس چيئرمين ممتاز جلباڻي ، پ پ اڳواڻ امتياز قريشي ۽ ٻين خدشن جو اظھار ڪندي چيو ته چونڊيل نمائيندن کي اعتماد ۾ نه وٺڻ ۽ کين آگاھ نه ڪرڻ سبب اشوز پيدا ٿيا آھن ۽ زميني معاملن سبب 40 سيڪڙو کان مٿي متاثرين جي گهرن جي تعمير وارو معاملو جتي رولڙي ۾ پيو آھي اُتي ڪيٽي بندر تعلقي ۾ ھڪ گهر به تعمير نه ٿيڻ سواليه نشان آھي. هنن سماجي ادارن جي اڳواڻن جي بريفنگ کانپوء واضع ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي جي سمورن متاثرين کي گهرن جي تعمير مڪمل ڪرائي ڏيارڻ لاء سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو رکيو ويندو ۽ هر هفتي اُن ڏَس ۾ گڏجاڻيون سڏائي معاملن کي حل ڪرائڻ لاء تحرڪ ورتو ويندو ته جيئن سمورن متاثرين جا گهر تعمير ٿي سگهن. ايم اين اي صادق علي ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪيٽي بندر جي متاثرين کي ڪاٺ وارا گهر تعمير ڪرائي ڏيارڻ لاء پڻ سنڌ حڪومت سان ڳالهايو ويندو ته جيئن سامونڊي تباھ ڪارين ۽ ماحولياتي تبديلين سبب کين متبادل گهر تعمير ڪرائي ڏياري سگهجن. اُن موقعي تي جڏھن ته اجلاس ۾ پ پ ٺٽي جو تعلقي صدر عبدالحميد سومرو گهوڙاٻاري تعلقي صدر رمضان پنهور منور هيلايو آفتاب ميمڻ سميت پ پ اڳواڻ ھينڊز اسٽاف موجود
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ