سنجهورو: سنجهوري ٿاڻي جي حد ڊپٽي ڳوٺ ۽ 24 چڪ ويجهو سم نالي ڀرسان نامعلوم عورت جو لاش ھٿ , سنجهورو پوليس سرزمين تي پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقہ سول اسپتال سنجهورو منتقل ڪري ڇڏيو ,
سنجهورو پوليس مطابق اڄ صبح جو مقامي ڌنارن سم نالي ڀرسان ديوي جي وڻن ۾ عورت جو لاش ڏسڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو ,
سنجهورو پوليس مطابق عورت جي ڇاتي ۽ جسم تي تيزاب پڻ هاريل آهي ۽ سندس لاش ڀرسان گولين جا 2 خول پڻ مليا آهن ۽ موٽرسائيڪل جي ٽائرن جا نشان پڻ آهن جنهن مان لڳي ٿو ته عورت کي گهران موٽر سائيڪل تي ويهاري ڳوٺ ٻاهريان سم نالي ڀرسان قتل ڪيو ويو آهي ,
سنجهورو پوليس مطابق اڃا تائين عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي سندس وارثن مان ڪو همراه پهتو آهي , عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم هلندڙ آهي ۽ پوليس معاملي جي وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي.
سنجهورو ٿاڻي جي حد ڊپٽي ڳوٺ وٽان سم نالي ڀرسان اڻڄاتل ناري جو لاش هٿ
ناري جي جسم تي تيزاب هاريل آهي، لاش ڀرسان گولين جا 2 خول به مليا آهن: پوليس