جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

اسان جون نعرو مرسون مرسون سنڌ نھ ڏيسون آھن، سنڌ کي ٽٽڻ نھ ڏينداسين: ڊاڪٽر مھرين ڀٽو

سنڌي خبرون 21st Sep 2026 136 مناظر
اسان جون نعرو مرسون مرسون سنڌ نھ ڏيسون آھن، سنڌ کي ٽٽڻ نھ ڏينداسين: ڊاڪٽر مھرين ڀٽو

بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم آھي، سنڌ ڌرتي جي حفاظت لاءِ ھر شئي قربان ڪري ڇڏينداسين: پ پ ايم اين اي

ھڱورجا(رپورٽر)بلاول ڀٽو زرداري جي 38هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: ڊاڪٽر مهرين ڀٽو.تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 38هين سالگرهه جي موقعي تي سهتا هائوس سوڀوديرو ۾ سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو، تعلقي صدر الھورايو چنو، پير سيد فرزند علي شاهه، ٽائون ڪميٽي هنڱورجا جي چيئرمين سيد عباس علي شاهه، غلام عباس حاجي،گدا حسين سھتو سجاد حيدر شاھ . رسول بخش سهتو . احسان سھتو .زيب النساء گلال.سميت پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گڏجي بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ سندس سياسي جدوجهد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عوامي ليڊر آهي، جنهن هميشه عوام جي حقن ۽ مسئلن جي ڳالهه ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پارٽي عوام جي خدمت ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايندڙ وقت جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو.ڊاڪٽر مهرين ڀٽو سنڌ جي وحدت ۽ صوبن بابت پارٽي جي موقف کي واضح ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو صوبن بابت موقف چٽو ۽ واضح آهي. سنڌ کي ورهائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ جي وحدت، ثقافت، تاريخ ۽ سڃاڻپ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ورهائڻ نه ڏينداسين ۽ سنڌ جي عوام سان گڏجي سنڌ جي وحدت جو تحفظ ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ورهائڻ واري ايم ڪيو ايم جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي وحدت ۽ سڃاڻپ بابت مڪمل طور تي حساس آهن. سنڌ اسيمبلي اڳ ئي قرارداد پاس ڪري صوبن ۽ يونٽن واري ڳالهه کي رد ڪري چڪي آهي، تنهنڪري سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪنهن به تجويز کي سنڌ جا ماڻهو قبول نه ڪندا.پ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو اسلام آباد جي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ڪنٽينر سٽي بڻجي ويو آهي ۽ شهر کي ڪنٽينرن سان بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي حقن ۽ جمهوري اصولن تي يقين رکي ٿي ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته اسان عوام سان گڏ آهيون.هن چيو ته ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ اسان جو نعرو آهي، جيڪو سنڌ جي وحدت، حقن ۽ سڃاڻپ سان وابستگي جي علامت آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهندي.ھن چيو ت 2022 جي برساتن ۾ وڏي تباھي کان پوء بلاول ڀٽو زرداري 21 لک گھر متاثرين نوان گھر ٺاھي ڏين جو واعدو ڪيو جيڪو واعدو پورو ڪري چڪو آھي ھن چيو سوڀوديرو تعلقي ۾ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني روڊن جو ڄار وڇايو آھي جتي ڪم ناھن ٿيا اتي ب ڪرايا ويندا ھن چيو ت پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمتن تي يقين رکڻ واري پارٽي آھي بلاول ڀٽو ھميشا عوام جي ڳالھ ڪئي آھي.تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پير سيد فرزند علي شاهه، هنڱورجا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين سيد عباس علي شاهه، گدا حسين سهتو، غلام عباس حاجي، رسول بخش سهتو ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. مقررين بلاول ڀٽو زرداري کي سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عوام جو بلاول ڀٽو زرداري سان مضبوط تعلق آهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر مھرين رزاق ڀٽو تعلقي سوڀوديرو جي پارٽي عھديدارن کي اجرڪ ۽ لنگين جا تحفا پيش ڪري کين کي پارٽي زميواري ملڻ جو. مبارڪون ڏنيون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ