ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ شاھبندر واسي پيرسن جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو

سنڌي خبرون 08th Oct 2023 60 مناظر

4نياڻين جو اولاد آھي، بااثر زبردستي سڱ ڏيڻ لاءِ زور ڀري رھيا آھن: عزيز اللھ ٿھيم

سجاول (رپورٽر) تعلقي شاهبندر جي ڳوٺاڻي جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج۔ ان سلسلي ۾ سجاول ضلعي جي تعلقي شاهبندر جي ڳوٺ حسين بخش ٿھيم جي رھواسي پيرسن عزيزالله ٿهيم گذريل ڏينهن نيشنل پريس ڪلب سجاول پھچي صحافين اڳيان دانھندي چيو تہ آئون چار نياڻين جو پيءُ آھيان ۽ منھنجي ئي برادري جا بااثر ماڻھو نياز احمد ٿهيم، حاجي، علڻ ولد ابراهيم، عبدالستار، عبدالشڪور، ڇٽن ولد ميرو، اصغر، قادري حيدر ولد وريل ۽ ملڪ ولد ڇٽن ٿھيم مونکان منهنجي نياڻين جو سڳ ڏيڻ جو زور ڀريو هو پر مون کين پنهنجي نياڻين جو سڱ ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوء هو منهنجي نياڻين کي اغوا ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سميت مختلف طريقن سان اسان کي پريشان ڪري رھيا آھن۔ هن چيو تہ آئون عزتدار ماڻهون آھيان نياڻين جا سڱ عزت ڀري طريقي سان ڏبا ۽ وٺبا آهن زبردستي سڱ گهرڻ تي کين سڱ نہ ڏيڻ تي هنن جي زيادتين اسان گھر ڀاتين کي تمام گھڻو پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔ هن چيو تہ مونکي ۽ منهنجي نياڻين کي ڄاڻايل همراهن مان جان جو خطرو آھي انڪري مون انھن خلاف سيشن ڪورٽ جي جج وٽ درخواست بہ داخل ڪئي آھي۔ هن ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ منھنجي بااثر ماڻهن مان جان ڇڏائي مونسان انصاف ڪيو وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ