ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز پاران ايس ايس پي روحل کوسو سان گڏ پوليو مهم جو دورو

سنڌي خبرون 17th Dec 2025 338 مناظر
ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز پاران ايس ايس پي روحل کوسو سان گڏ پوليو مهم جو دورو

محمد ارسلان سليم قومي پوليو مخالف مهم جي ٽئين ڏينهن ضلعي جي مختلف ٽرانزٽ پوائنٽس جو دورو ڪيو

نوشهروفيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل خان کوسو سان گڏ اڄ ضلعي ۾ جاري قومي پوليو مخالف مهم جي ٽئين ڏينهن ضلعي جي مختلف ٽرانزٽ پوائنٽس جو دورو ڪيو. هن پوليو مخالف مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ رند موري، الله واري چوڪ مٺياڻي بائي پاس ۽ رورل هيلٿ سينٽر مچر جي ٽرانزٽ پوائنٽس جو دورو ڪيو. هن ٽيمن کان اڄ جي ڏينھن پوليو جا ڦڙآ پياريل ٻارن جي تعداد بابت پڇيو. هن ويڪسين جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٽيمن پاران حاصل ڪيل ۽ استعمال ڪيل ويڪسين جو تعداد معلوم ڪيو. هن ٽيمن کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ محنت ڪن ۽ گاڏين ۾ سفر ڪندڙ سڀني ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ٻه ڦڙا لازمي پيارين. ان موقعي تي، موجود ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ۽ فنگر مارکنگ ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ