ڪڏهن ڪڏهن مسافر ڪنهن شهر ۾ رڳو رستا نٿو ڳولي، پر پنهنجي اندر به هڪ نئون رستو دريافت ڪري ٿو. ڪي شهر انسان کي پنهنجي عمارتن، گهٽين ۽ بازارن سبب نه، پر اتي رهندڙ ماڻهن جي ڪري ياد رهجي ويندا آهن. منهنجي لاءِ بارسلونا به اهڙو ئي شهر آهي؛ هڪ اهڙو شهر، جتي اچي مون کي رڳو هڪ نئين سرزمين ئي نه ملي، پر ٻولي، تهذيب، سڃاڻپ ۽ انسانن کي نون زاوين سان ڏسڻ جو موقعو پڻ مليو.
منهنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات 1998ع ۾ ميرپورخاص کان ٿي. ميرپورخاص، جيڪو انبن جي خوشبو، زرخيز زمين جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو ئي شهر هو، جتي مون صحافت جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکيو. ”ڪاوش“ سان پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات ڪيم، پوءِ ”تعميرِ سنڌ“ سان وابسته رهيس ۽ وقت گذرڻ سان صحافت مون کي ڪراچيءَ جي وسيع دنيا تائين وٺي آئي. 2004ع ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي رڪنيت حاصل ڪرڻ به ان سفر جو هڪ اهم سنگِ ميل هو.
صحافت منهنجي لاءِ ڪڏهن به رڳو هڪ پيشو نه رهي آهي. اها ماڻهن کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ انهن جي وچ ۾ لڪل انسان کي ڳولڻ جو هڪ ذريعو رهي آهي. شايد ان ڪري اڄ به جڏهن مان ڪنهن هنڌ وڃان ٿو ته عمارتن کان وڌيڪ اتي جي ماڻهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
2024ع ۾ مون کي جرمنيءَ ۾ ڊي ڊبليو گلوبل ميڊيا فورم ۾ شرڪت جو موقعو مليو. جرمنيءَ جي شهر بون ۾ ٻه ڏينهن قيام کان پوءِ مان اسپين ڏانهن روانو ٿيس ۽ آخرڪار بارسلونا پهچي ويس. اسپين اچڻ جو هڪ وڏو مقصد هسپانوي ٻولي سکڻ هو، پر بارسلونا مون کي پهرين ئي قدم تي هڪ نئون سبق ڏئي ڇڏيو. مون کي خبر پئي ته اسپين رڳو هسپانوي ٻولي ۽ هڪ ئي ثقافتي سڃاڻپ جو نالو ناهي، پر اهو مختلف ٻولين، ثقافتن ۽ تاريخي سڃاڻپن وارو ملڪ آهي. بارسلونا ڪاتالونيا جو گاديءَ وارو شهر آهي، جتي هسپانوي سان گڏ ڪاتالان ٻولي به زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڪرائي ٿي.
تنهن ڪري مون فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن مون کي هن شهر کي سمجهڻو آهي ته ان جون ٻوليون به سمجهڻيون پونديون. اهڙيءَ طرح هسپانوي سان گڏ ڪاتالان ٻولي به منهنجي سفر جو حصو بڻجي وئي. اڄ مان ٻنهي ٻولين جي وچولي درجي جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهيان. پر اڄ جو ڏينهن ٻولين جي ڪلاس کان گهڻو اڳتي جو ڏينهن هو.
اڄ مان پاڪستان جي قونصليٽ، بارسلونا ويس. پرديس ۾ ڪنهن ملڪ جو سفارتخانو يا قونصليٽ رڳو هڪ سرڪاري عمارت ناهي هوندو؛ ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏورانهين ڌرتيءَ تي پنهنجي وطن ڏانهن کليل هڪ ننڍڙي دري بڻجي ويندو آهي. اتي پهچي جڏهن پنهنجن ماڻهن جا چهرا نظر اچن ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ فاصلا اوچتو سمٽي ويا هجن.
اتي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ عرفان مريو صاحب جنهن محبت ۽ عزت سان منهنجو استقبال ڪيو، اهو منهنجي لاءِ هڪ قدر لائق تجربو هو. سندس ميزبانيءَ ۾ اهڙي پنهنجائپ هئي، جيڪا رسمي تعلقن جي حدن کان گهڻو اڳتي ويندي محسوس ٿي. ان کان پوءِ منهنجي ملاقات پاسپورٽ ونگ جي انچارج افتخار علي منگي صاحب سان ٿي، جن جو تعلق خيرپور جي سڀيري واري علائقي سان آهي. چانهه جي هڪ پيالي، ڪجهه ڳالهين ۽ پنهنجائپ ڀري انداز جون اهي ننڍيون ننڍيون شيون پرديس ۾ اوچتو تمام وڏيون بڻجي وينديون آهن. پر هن ملاقات جو هڪ ٻيو اهم باب قونصل جنرل مراد علي وزير صاحب سان ملاقات هئي.
مراد علي وزير صاحب فارن سروس سان وابسته هڪ تجربيڪار سفارتڪار آهن. سندس گفتگوءَ ۾ سفارتي تجربي جي وسعت به محسوس ٿئي ٿي ۽ سندس مزاج ۾ اهڙي عاجزي به نظر اچي ٿي، جيڪا وڏن عهدن تي ويٺل ماڻهن ۾ هميشه نظر نٿي اچي. منهنجي نظر ۾ سندس شخصيت جي هڪ نمايان خوبي اها آهي ته هو سامهون واري انسان سان سندس عهدي جي بنياد تي نه، پر انسان هجڻ جي ناتي ملن ٿا. مون کين قونصليٽ جي مختلف شعبن جي معاملن ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ موجود ڏٺو. ماڻهن سان گهلي ملي وڃڻ، انهن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ پنهنجي ٽيم جي ڪم کي ويجهو کان ڏسڻ، منهنجي لاءِ هڪ صحافي جي حيثيت سان قابلِ مشاهدو تجربو هو.
بارسلونا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي هڪ مشڪل مرحلي مان به گذرڻو پيو هو، جڏهن قونصليٽ جي ٻاهران ڊگهي قطارن جون تصويرون سوشل ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا ۾ نمايان ٿيون.
اهڙين حالتن ۾ ڪنهن به سرڪاري اداري لاءِ انتظامي چئلينج معمولي ڳالهه ناهي هوندي. منهنجي نظر ۾ قابلِ ذڪر ڳالهه اها هئي ته قونصليٽ جي ٽيم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني ڪميونٽي جي مختلف ماڻهن ۽ ڪاروباري حلقن کي به پاڻ سان گڏ شامل ڪيو. مون مراد علي وزير صاحب کي صبح سوير ماڻهن جي وچ ۾ ايندي، ٽوڪن جي انتظام ۾ حصو وٺندي ۽ معاملن کي ويجهو کان ڏسندي ڏٺو. ماڻهن لاءِ کائڻ پيئڻ جو انتظام پڻ ڪيو ويو. ظاهر آهي ته اهڙن انتظامن ۾ ڪيترن ئي هٿن جو حصو هوندو آهي، پر اصل خوبصورتي ان وقت پيدا ٿيندي آهي، جڏهن مختلف هٿ هڪ مقصد لاءِ گڏجي اٿن.
هڪ صحافي جي حيثيت سان مون ان منظر کي رڳو هڪ انتظامي سرگرمي طور نه ڏٺو، پر مون ان کي ڪميونٽي ۽ قونصليٽ جي وچ ۾ هڪ پل جي صورت ۾ محسوس ڪيو. زندگي مون کي اهو سيکاريو آهي ته ڪو به معاشرو سئو سيڪڙو مڪمل انسانن سان نٿو ٺهي. انسان ڪمزور به ٿين ٿا، انهن کان غلطيون به ٿين ٿيون، پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي دلداري، خلوص ۽ وسيع دليءَ سان ماحول ۾ هڪ الڳ رنگ ڀري ڇڏيندا آهن. اڄ قونصليٽ ۾ مون کي اهو ئي رنگ نظر آيو.
عرفان مريو صاحب جي پنهنجائپ، افتخار علي منگي صاحب جي سادگي ۽ مراد علي وزير صاحب جي عاجزي ٽي مختلف مزاج، ٽي مختلف شخصيتون، پر هڪ گڏيل وصف: انسان کي انسان سمجهي عزت ڏيڻ. ۽ شايد پرديس ۾ سڀ کان وڌيڪ اها ئي شيءِ ياد ايندي آهي.
مان ميرپورخاص کان نڪتو هئس. صحافت مون کي ڪراچيءَ تائين پهچايو. صحافت ئي مون کي جرمنيءَ تائين وٺي وئي. جرمنيءَ کان مان بارسلونا آيس، جتي ٻوليون سکڻ جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو. پر اڄ پاڪستان جي قونصليٽ ۾ ڪجهه پاڪستاني چهرن جي وچ ۾ ويهي مون محسوس ڪيو ته سفر ڀلي ڪيترو به ڊگهو ٿي وڃي، وطن انسان جي اندر کان ڪڏهن به هجرت نٿو ڪري. وطن ڪڏهن هڪ شهر هوندو آهي، ڪڏهن هڪ ٻولي، ڪڏهن ماءُ جو آواز، ڪڏهن سنڌ جي مٽي، ڪڏهن ڪراچي پريس ڪلب جي ياد ۽ ڪڏهن پرديس ۾ چانهه جو هڪ پيالو، جيڪو ڪو پنهنجو ماڻهو محبت سان اوهان جي اڳيان رکي. اڄ بارسلونا ۾ مون کي چانهه کان وڌيڪ وطن جي خوشبو ملي. ۽ هڪ صحافي جي حيثيت سان مون هن ڏينهن کي پنهنجي زندگيءَ جي انهن خوبصورت ڏينهن ۾ شمار ڪيو، جن کي وقت گذرڻ باوجود يادگيريءَ جي الماري مان ڪڍي ٻيهر پڙهي سگهجي ٿو.
پرديسِ ۾ وطن جي خوشبو, بارسلونا جي پاڪستاني قونصليٽ ۾ هڪ يادگار ڏينهن
عبيد ناريجو/ بارسلونا، ڪاتالونيا، اسپين