اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

شرجيل انعام ميمڻ جي علي گوهر مهر، علي نواز مهر ۽ محمد بخش مهر سان تعزيت

سنڌي خبرون 02nd Nov 2025 405 مناظر
شرجيل انعام ميمڻ جي علي گوهر مهر، علي نواز مهر ۽ محمد بخش مهر سان تعزيت

سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خان علي گوهر مه، علي نواز مهر سان سندن امڙ ۽ صوبائي وزير محمد بخش مهر سان چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

ڪراچي/گهوٽڪي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، خان ڳڙهه گهوٽڪي پهچي ايم اين اي سردار علي گوهر خان مهر، سردار علي نواز خان مهر سان انهن جي والده جي ناگهاني وفات تي، ۽ صوبائي وزير چیف سردار محمد بخش خان مهر سان چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ مرحومه جي مغفرت لاءِ فاتحه خواني ڪئي.ان سان گڏ ايم اين اي اعجاز جکراڻي، ايم اين اي اسد عالم خان نيازي، صوبائي وزير مڪيش چاولہ، خاص مددگار قاسم نويد قمر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ