پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ويجھو صوفي شاھھ نصير ۽ پير نول گھوٽ درگاھھ جو گادي نشين لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي خبرون 16th Dec 2023 101 مناظر

نوشھروفيروز ويجھو صوفي شاھھ نصير ۽ پير نول گھوٽ درگاھھ جو گادي نشين لاڏاڻو ڪري ويو

نوشهروفيروز(ڊ ر)صوفي شاه نصير ۽ پير نول گهوٽ درگاهه جو گادي نشين پير منيرالدين ڪجهه وقت بيمار رهڻ کان پوءِ رضا الاهيءَ سان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز ۽ آخري رسمون پير نول گهوٽ جي ميلي واري گرائونڊ تي ادا ڪيون ويون سندس آخري سفر ۾ اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر، ايڊيشنل سيڪريٽري فناس سيد طارق علي شاهه، پير خالد سيف اللّٰه سميت مٽن مائٽن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي کيس صوفي شاهه نصير ۽ پير نول گهوٽ جي آخري آرام گاهه واري اڱڻ تي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي سندس پٽن جنرل مئنيجر ڪي ٽي اين پير امجد علي، پير اشرف علي، پير امتياز علي، سندس ڀاءُ پير بشير احمد، پير شهاب الدين ۽ ٻين سان تعزيتي سلسلو جاري آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ