اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٿر جي سياسي سماجي اڳواڻ سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي جو ڪراچي ۾ ٻارس ملهايو ويو

سنڌي خبرون 08th Sep 2023 121 مناظر

مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن، سرڳواسي جي دوستن ۽ عزيزن پاران کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٿر جي سياسي سماجي اڳواڻ سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي جو ٻارس ملهايو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن، دوستن ۽ عزيزن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته وشنداس ڀُٽاڻي انسانيت جي خدمت کي هميشه اُتم سمجهندو هو، هن سدائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ ۽ غريبن جي ڪم اچڻ جي ڳالهه ڪئي، سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي جو ٻارس ڪراچي جي ڪينٽ واري علائقي ۾ ايس ايس ڊي هائوس تي ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر اميت ڪمار، اڳوڻي ايم اين اي رميش وانڪواڻي، اڳوڻي ايم اين ڊاڪٽر اشوڪ رتناڻي، اڳوڻي ايم پي اي ۽ بلاول هائوس جي ترجمان سريندر ولاسائي، راڻا ڪنور ڪرني سنگهه، ڪمل گرداري، نند لال پارواڻي، هيرا لال ڀٽاڻي، ڊاڪٽر نند لال ڀٽاڻي، ڪيلاش وشنداس ڀٽاڻي، ڊاڪٽر ڪنول ڀٽاڻي، گهنشام داس پارواڻي، ڊاڪٽر تيرٿ گل، سيٺ قيمت راءِ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام سرور سميجو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن صاحب خان ڀنڊ، ڊاڪٽر هري داس، ڊاڪٽر موهن لال منجاڻي، نندلال پارواڻي، سنيئر صحافي علي بخش مئو، سيد آفتاب شاهه، وحيد ميمڻ، نثار رڪ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مختلف شخصيتن ڳالهائيندي سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سيٺ وشنداس ڀُٽاڻي سچو ۽ کرو انسان هو، وشنداس ڀٽائي انسانيت جي خدمت کي هميشه اُتم سمجهندو هو، هن سدائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ ۽ غريبن جي ڪم اچڻ جي ڳالهه ڪئي، هن پنهنجي علائقي ۾ بنا ڪنهن فرق جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙيو، اڄ وشنداس هن دنيا ۾ ناهي پر هو پنهنجي ڪردار ۽ عمل ذريعي پٺيان نالو ڇڏي ويو آهي، جيڪو سدائين ياد رهندو، دنيا حقيقت ۾ اهڙن انسان کي ياد رکندي آهي، وشنداس دلير انسان هو، جيڪو بنا ڪنهن خوف جي غريبن جي ڳالهه ڪندو هو، سيٺ وشنداس نه صرف پنهنجي بارن کي بهتر تعليم ڏياري پر علائقي ۾ هر ڪنهن کي ٻارن جي تعليم لاءِ اتساهيندو هو، سندس ڪردار هميشه ياد رهندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ