اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

ميرپور بٺورو ويجهو جوڳي فقير نانگ جي ڪکڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو

سنڌي خبرون 11th Aug 2023 138 مناظر

جهونE جوڳي فقير کي نانگ پڪڙڻ دوران نانگ ڏنگي وڌو

سجاول (رپورٽر) ميرپور بٺورو جو جهونو جوڳي فقير نانگ پڪڙڻ دوران نانگ ڏنگي وڌو زخمي جوڳي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال بٺورو منتقل ڪيو ويو جتي جسم ۾ زهر ڦهلجڻ سبب هو فوت ٿي ويو تفصيل موجب ڳوٺ مشتاق احمد چانڊيو جو رهواسي جهونو جوڳي فقير لال بخش شيخ نانگ جي ڏنگ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو اسپتال ۾ موجود سندس وارثن شبير شيخ احتجاج ڪندي ، ميڊيا کي ٻڌايو ته پوڙهو ڪاري نانگ پڪڙڻ دوران ڪکجي پيو جنهن کي تعلقه اسپتال بٺورو آندو ويو جتان ڊاڪٽر هن کي حيدرآباد ريفر ڪيو اسان 1122 ايمبولينس کي اطلاع ڏنو ٽن ڪلاڪن گذرڻ باوجود ايمبولينس نه پهتي اسان جو پيرسن تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، هن چيو ته اسان موجود ڊاڪٽر کي منٿون ايلاز ڪندا رهياسين پر هن اسان غريبن جي هڪ به نه ٻڌي، هنن اعلي حڪام کان مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ