وڳڻ لڳ ڳوٺ ٿرڙي هاشم ۾ ھلال احمر طرفان مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي
اڄ پندرھين ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 500 کان مٿي مريضن کي چڪاسي کين مفت دوائون ۽ مڇرن کان بچاءُ لاء مھارا ڏنا
وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ لڳ ڳوٺ ٿرڙي هاشم ۾ ھلال احمر طرفان ڳوٺاڻي فلاحي تنظيم ڏکن سکن جي ساٿ سٿ جي سھڪار سان مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ماھر عورت توڙي مرد ڊاڪٽرن جي ٽيم 500 کان وڌيڪ مريضن کي چڪاسي کين مليريا، شگر، بخار، معدي جي تڪليف سميت ٻين مرضن جو مفت علاج فراهم ڪيو ويو ڳوٺ ۾ فلاحي تنظيم طرفان ڳوٺاڻن کي مفت علاج فراهم ڪرڻ لاءِ هي ٻئي ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائي وئي آهي ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي محمد سليم شيخ عبد الله واھوچو عبدالقدوس واھوچو ۽ ٻين چيو ته اسان حلال احمر ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي جي تعاون سان ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي رھيا آھيون اڄ پندرنھين ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 500 کان مٿي مريضن کي چڪاسي کين مفت دوائون فراھم ڪري کين مڇرن کان بچاءُ لاء مھارا پڻُ ڏنا آھن ھن ڳوٺ ۾ سڀ کان وڌيڪ مريض مليريا، شگر ۽ بخار جا آھن هر ٽين ماڻهو کي مليريا جو مرض تشخيص ڪيو ويو آھي، جنکي ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي ھلال احمر طرفان سموريون دوائون مفت ڏئي کين بھتر علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آھي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائيندڙ زبير احمد تنيو بخشل خاصخيلي ڪامران تنيو سرتاج تنيو چيو ته اسان شھيد سوشل ورڪر عدنان تنيو جي نالي سان پنھنجي ڳوٺ جي غريب مسڪين ماڻھن لاء ٻئي مفت ڪيمپ لڳرائي آھي اسانکي پنھنجي مسڪين ڳوٺاڻن جي خدمت ڪندي سڪون ملندو آھي.