بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊجيٽل آدمشُماري فراڊ آهي سنڌ ان کي تسليم نٿي ڪري: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 09th Aug 2023 44 مناظر

سنڌي قوم جي پرامن احتجاج کي نظرانداز ڪري ملڪ جي بحرانن جي ڪن ۾ اڇلايو پيو وڃي

حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ڊجيٽل آدمشُماري فراڊ آهي سنڌ ان کي تسليم نٿي ڪري. ٽي نانگ آهن ھڪڙو چاھي ٿو سنڌ جي آدمشماري ملڪ ۾ گھٽ ھجي، ٻيو چاھي ٿو ڪراچي جي ڪوڙي آدمشماري وڌائجي ۽ ٽيو چاھي ٿو جيڪا رکن بس اسين اقتدار ۾ رھون. زرداري جي سنڌ حڪومت ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ تاريخي وطن سنڌ تي وڏو حملو ڪرايو آھي، ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌي ماڻھو احتجاج ڪري رد ڪري چڪا آھن. ڊجيٽل آدمشماري ملڪ ۽ سنڌ لاءِ زھر قاتل ثابت ٿي آھي. سنڌي قوم جي پرامن احتجاج کي نظرانداز ڪري ملڪ جي بحرانن جي ڪن ۾ اڇلايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مخصوص ٽولي کي سيٽون وڌائي ڏيڻ لاءِ سنڌي ماڻھن کي ڪوڙن انگن اکرن سان اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش کي ڪنھن بہ ريت برداشت نٿو ڪري سگھجي. ڪوڙي آدمشماري سنڌ جي حق حاڪميت، خودمختياري، سنڌ جي تھذيب، سنڌ جي وسيلن، روزگار، تعليم، صحت تي حملو آھي. حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. ملڪ اڳ ۾ ئي سياسي، معاشي بحران جو شڪار آھي، ان کي پنھنجن اقتداري مفادن لاءِ بحرانن ۾ وجھڻ جو مطلب ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ آھي. ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري سان نفرت جي سياست کي ھٿ ملندي. اسان جي ملڪ کي ڀائيچاري ۽ امن جي ضرورت آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪومت ۾ ھڪ نسل جوان ٿي ويو آھي، حڪمراني جي انھيءَ مدي ۾ سنڌ جا شھر منشيات جو ڳڙھ بنجي ويا آھن. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي سامراجي طاقتون نٿيون چاھين تہ پاڪستان جون خودمختيار پاليسيون ھجن ۽ اھو معاشي طور مستحڪم ھجي ۽ ترقي طرف وڌي سگھي، ان ڪري انھن سازشن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ اتحاد جي ضرورت آھي، خودمختيار معاشي پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آھي، صوبن کي پنھنجن وسيلن تي اختيار ڏئي انھن کي وڌيڪ ترقي يافتا بنائڻ جي ضرورت آھي، صوبن جي ترقي دراصل ملڪ جي ترقي آھي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ سنڌ سميت جن صوبن مان تيل، گئس ۽ ٻي قدرتي دولت نڪري ٿي، اتي وڌيڪ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ