جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪشمور مان 45 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ساگر ڪمار بازياب ٿي ويو

سنڌي خبرون 20th Sep 2023 377 مناظر

هندو پنچائت هال پهچڻ تي ساگر ڪمار جو شاندار استقبال ۽ جهمريون،

ڪشمور مان 45 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ساگر ڪمار بازياب ٿي ويو، ساگر ڪمار کي وارثن حوالي ڪيو ويو، هندو پنچائت هال پهچڻ تي ساگر ڪمار جو شاندار استقبال ۽ جهمريون، ايس ايس پي روحل کوسو جو چوڻ آهي ته ساگر ڪمار کي ڪچي جي گھوڙا گھاٽ واري علائقي مان مقابلي دوران بازياب ڪرايو ويو، مغوي جي بازيابي لاءِ علائقي جي چڱن مڙسن طرفان راڄوڻي ڪوششون به ڪيون ويون، مغوي ساگر جي بازيابي لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪچي جي مختلف علائقن ۾ آپريشن ھلندڙ ھو، ساگر ڪمار جي والد اندر لعل، سندس امڙ ۽ ڀائرن پاران ساگر ڪمار سان ملڻ وقت جذباتي منظر، پيءُ ماءُ، ڀائرن ۽ ٻين ساگر ڪمار کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو...............
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ