ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ سول جج جو وومين ٿاڻي تي ڇاپو، شادي شده جوڙو بازياب

سنڌي خبرون 26th Aug 2025 228 مناظر
عمرڪوٽ ۾ سول جج جو وومين ٿاڻي تي ڇاپو، شادي شده جوڙو بازياب

چيتن ڀيل جي درخواست تي سول جج ڇاپو هڻي نمرا راجپوت ۽ سندس ور محمد علي کي بازياب ڪرايو

عمرڪوٽ(ڊ ر )چيتن ڀيل جي درخواست تي سول جج جو وومين ٿاڻي تي ڇاپو زال مڙس بازياب عدالت ۾ پيش تفصيل موجب وومين ٿاڻي جي پوليس ٻه ڏينهن اڳ محمد علي شيخ ۽ نمرا راجپوت کي ڪنري مان گھران کڻي وومين ٿاڻي تي وٺي آئي ھئي چيتن ڀيل پاران محمد علي ۽ نمرا کي بنا ڏوھ جي ٻہ ڏينهن وومين ٿاڻي تي رکڻ تي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي جنھن تي سول جج عمرڪوٽ ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي ٻنھي کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيا عدالت سڳوري پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي محمد علي ۽ نمرا کي سندس مرضيءَ موجب رھڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي محمد علي ۽ نمرا ٻڌايو ته اسان کي بغير ڏوھ جي پوليس ٻن ڏينهن تائين ٿاڻي تي قيد ڪري رکيو ۽ چوندا رھيا ته ھڪ لک ڏيندا تہ کي ڇڏينداسين اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ