منگل، 20 اکتوبر 2026
بریکنگ

خيرپور صحافي اتحاد جو اهم اجلاس ٿي گذريو, صحافين جون ٿيل چوريون واپس نھ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار

سنڌي خبرون 20th Oct 2026 3 مناظر
خيرپور صحافي اتحاد جو اهم اجلاس ٿي گذريو, صحافين جون ٿيل چوريون واپس نھ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار

27آڪٽوبر تي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان

ھنڱورجا(رپورٽر)خيرپور صحافي اتحاد جو اهم اجلاس، 27 آڪٽوبر تي ايس ايس پي آفيس خيرپور اڳيان ڌرڻي جو اعلان،صحافين جو. چوريون واپس ن ٿيڻ خلاف قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو تفصيل موجب خيرپور صحافي اتحاد جو هڪ اهم اجلاس ڪنب ۾ چيئرمين غلام حسين چانگ ۽ صدر جمال محمود کهڙو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ ضلعي جي اٺن تعلقن جي سوين صحافين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اتحاد کي سڄي ضلعي ۾ وڌيڪ فعال ۽ منظم ڪرڻ، پريس ڪلبن جي فنڊن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ صحافين سان ٿيندڙ چوريءَ ۽ ڦر جي وارداتن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ خير محمد عامر، صوفي ياسين راڄپر، حسين بخش ڪٻر، مريد حسين راڄپر، محمد ڏنو لاکو، نياز حسين ڀنڀرو، منصور کنڊ، حاڪم ڀٽي، وحيد وساڻ، سڪندر راڄپر، ميان اسد الله چنا، انور علي ناريجو، علي شير ڀرڳڙي، شمن راڄپر، لياقت چنو، زاهد سامٽيو، فضل منگي، ڪليم کوکر، گلاب سيال سميت وڏي انگ ۾ صحافين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ اڳواڻن چيو ته 14 آگسٽ تي ايس ايس پي خيرپور جي خاطريءَ تي ڌرڻو ملتوي ڪيو ويو هو ته ضلعي جي مختلف علائقن مان صحافين جون چوري ٿيل شيون ۽ ڦر ڪيل سامان واپس ڪرايو ويندو، پر افسوس جو ٻه مهينا گذرڻ باوجود هڪ به واردات جو سامان واپس نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب صحافي برادري ۾ سخت بيچيني ۽ ڪاوڙ پکڙيل آهي. ھنن چيو ت 27 آڪٽوبر تي صحافين جون ٿيل چوريون ۽ وڌندڙ بدامني خلاف خيرپور صحافي اتحاد پاران ايس ايس پي خيرپور ٽآفيس آڏو تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ