جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊي سي ٺٽو جي ھدايت تي پوري ضلعي ۾ ناجائز قبضن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

سنڌي خبرون 01st Oct 2023 186 مناظر

مڪلي ٽائون غلام ﷲ روڊ تي غير قانوني ۽ ناجائز اڏاوتن کي بلڊوز ڪري ڊاھي پٽ ڪيو ويو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان جي هدايتن تحت اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو وقاص ملوڪ جي سربراهي ۾ روينيو ، انڪروچمينٽ ، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان گڏجي ڪاروائي ڪندي مڪلي ٽائون غلام ﷲ روڊ تي غير قانوني ۽ ناجائز اڏاوتن کي بلڊوز ڪري ڊاھي ڇڏيو ، ان کان علاوه ڪافي غير قانوني ۽ ناجائز اڏاوتون پڻ ھٽايون ويون آهن - ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر وقاص ملوڪ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي ھدايت تي پوري ضلعي ۾ غير قانوني ۽ ناجائز قبضن ۽ اڏاوتن کي ھٽائڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي - ھن چيو ته ضلعي اندر ڪنهن به قبضہ مافيا کي غير قانوني اڏاوتون ۽ حددخليون ڪرڻ جي اجازت ھر گز نه ڏني ويندي ۽ جيڪڏهن ڪو به قبضہ مافيہ اهڙي غير قانوني ڪمن ۾ مرتڪب پايو ويو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي –
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ