اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ڀرسان ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نينگري جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو

سنڌي خبرون 27th Sep 2026 88 مناظر
سجاول ڀرسان ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نينگري جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو
سجاول (رپوٽر) گذريل رات دير سان سجاول ڀرسان دڙو-بيلو روڊ تي چارڻ گولائي وٽ هاءِ روف ڪيري تي مبينا هٿياربندن جي فائرنگ ، 16 سالن جي نياڻي قتل، نياڻي جي قتل خلاف وارثن ۽ شهرين پاران پنڃاري پل وٽ لاش رکي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته شهرين دڪان بند ڪري وڌندڙ بدامني خلاف نعريبازي ڪئي. اطلاعن موجب دڙو جي رهواسي مستري بابو ميمڻ جي خاندان جا ماڻهو ٺٽي کان دڙو واپس اچي رهيا هئا ته چارڻ گولائي وٽ مبينا طور پنج هٿياربندن ڪيري تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 16 ورهين جي مرڪ ميمڻ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. لاش دڙو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي وارثن ۽ شهرين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي پيپلز پارٽي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ رات جو سجاول سول اسپتال پهچي مقتولا جي وارثن سان ملاقات ڪئي. عبداللطيف ميمڻ چيو ته مرڪ ميمڻ جو قتل انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، معصوم نينگري جو خون ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو، پوليس واقعي جي شفاف جاچ ڪري جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پوليس کي اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن. صبح جو عبداللطيف ميمڻ ٻيهر دڙو پهچي مرڪ جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي اڳواڻ ارباب وزير احمد ميمڻ پڻ رورل هيلٿ سينٽر پهچي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ جنازي ۾ شرڪت ڪئي. مرڪ جي جنازي سان گڏ وارثن ۽ شهرين پنڃاري پل وٽ لاش روڊ تي رکي تقريبن ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو. سخت گرمي باوجود وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ ڪاروبار بند ڪري مرڪ جي قتل ۽ بدامني خلاف احتجاج ڪيو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي. ڌرڻي دوران ڊي ايس پي سجاول عزيز جميل ميمڻ پهچي وارثن ۽ مقامي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون. پوليس ۽ اڳواڻن پاران جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. بعد ۾ مرڪ جي جنازي نماز ادا ڪري کيس مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرڪ ميمڻ جي قتل کان پوءِ دڙو ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني بابت شهرين ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي، جڏهن ته مقتولا جي وارثن ۽ شهرين جو مطالبو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. مرڪ جو قتل سجاول پوليس جي نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي لاءِ پڻ اهم امتحان بڻجي ويو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ