اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

جسقم ملير پاران مرڪزي وائيس چيئرمين رمضان ڪلوڙ جي گرفتاري خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 19th May 2026 327 مناظر
جسقم ملير پاران مرڪزي وائيس چيئرمين رمضان ڪلوڙ جي گرفتاري خلاف احتجاج

مختيار سومرو، مشتاق زهراڻي، عامر سنڌي، ممتاز مري ۽ اشرف لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جسقم ملير جي اڳواڻن ضلعي صدر مختيار سومرو، جنرل سيڪريٽري مشتاق زهراڻي، عامر سنڌي، ممتاز مري ۽ اشرف لاشاري جي اڳواڻي ۾ جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين رمضان ڪلوڙ جي گرفتاري خلاف رزاق آباد جي مک چوڪ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي دوران شرڪت ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي رمضان ڪلوڙ جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ۽ سندس گرفتاري کي سياسي انتقام قرار ڏنو.مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جسقم جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي غيرقانوني طور تي گرفتار ڪري آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هنن چيو ته پرامن سياسي جدوجهد هر شهري جو آئيني حق آهي، پر حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا پرامن سياسي ڪارڪنن خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن.هنن وڌيڪ چيو ته رمضان ڪلوڙ جي گرفتاري غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻي آهي، کيس بنا دير آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جسقم جي ڪارڪنن خلاف ڪيس ختم نه ڪيا ويا ۽ گرفتار اڳواڻ آزاد نه ڪيا ويا ته ملير سميت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.ريلي جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن پرامن طور تي احتجاج ختم ڪيو، جڏهن ته اڳواڻن اعلان ڪيو ته ايندڙ حڪمت عملي لاءِ مشاورت جاري آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ