اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ڀرسان ڪار روڊ ڀرسان ڪاٺيون ڪندڙن مٿان چڙھي وئي، نينگر سميت 2 ڄڻا فوت

سنڌي خبرون 15th Oct 2026 35 مناظر
سجاول ڀرسان ڪار روڊ ڀرسان ڪاٺيون ڪندڙن مٿان چڙھي وئي، نينگر  سميت 2 ڄڻا فوت
سجاول (رپورٽر) سجاول ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ روڊ ڪناري ڪاٺيون وڍيندڙ 60 ورهين جو بزرگ ۽ 11 ورهين جو نينگر فوت ٿي ويا. حادثو سجاول-بدين روڊ تي پڃاري واھ وٽ پيش آيو. پوليس ڪار ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي گاڏيءَ سميت حراست ۾ وٺي ڇڏيو. تفصيل موجب سجاول-بدين روڊ تي پڃاري واھ وٽ تيز رفتار ڪار روڊ ڪناري جھاڙين مان ڪاٺيون وڍيندڙ بزرگ ۽ ٻار کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جي سڃاڻپ ڳوٺ نودو ٻارنلڻ جي رهواسين 60 ورهين جي سومار ٻارڻ ۽ 11 ورهين جي عرفان علي طور ٿي آهي. ٻنهي جا لاش سول اسپتال سجاول منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب ڪار ڊرائيور نريش ڪمار ۽ ڪار ۾ سوار ڊاڪٽر بيکا رام نالي شخص کي گاڏيءَ سميت حراست ۾ ورتو ويو آهي. ٻئي طرف ڪار ڊرائيور جو چوڻ آهي تہ سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل کي بچائڻ جي ڪوشش دوران حادثو پيش آيو. جڏھن تہ آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو ھو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ