ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

ورلڊ بئنڪ جي وفد پاران ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن جا دورا

سنڌي خبرون 23rd Oct 2025 429 مناظر
ورلڊ بئنڪ جي وفد پاران ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن جا دورا

ضلعي ڪائونسل چيئرمين عبدالحميد پنھور ورلڊ بينڪ جي وفد کي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل علي حسن زرداري جي هدايتن تي ورلڊ بينڪ جي وفد ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ، چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنھور ورلڊ بينڪ جي وفد سان گڏ آئوٽ فال جي گيٽن جي ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ بريفنگ ڏني ورلڊ بينڪ جي تعاون سان حڪومت سنڌ جي مدد سان ، ۽ صوبائي وزير علي حسن زرداري جي ڪوششن سان ڪيٽي بندر ٻگهاڻ ، ۽ ڳاڙهو آئوٽ فال جي گيٽن جي مرمت جو ترقياتي ڪم مڪمل ٿيو ، ورلڊ بينڪ جي وفد ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ تي افتتاح ڪيو ، ۽ ڪم جو معائنو ڪيو ، ڪيٽي بندر جي رهواسين سان ملاقات ڪئي ورلڊ بينڪ جي تعاون سان اوچتو آئوٽ فال ڊرين کي نئي سر ڊزائين ڪري ، پاڻي نيڪال ڪرڻ کي بھتر بڻايو ويو آهي انموقعي تي ترجمان محسن ھاؤس ٺٽو شاھنواز لوھار چيئرمين يونين ڪاؤنسل گليل غلام نبي شيخ پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقا صدر گھوڙاٻاري رمضان پنھور رئيس خدا بخش صوباڻي نظير احمد خشڪ ۽ ٻيا موجودهئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ