ہفتہ، 14 نومبر 2026
بریکنگ

ميرپور ساڪرو ۾ محتسبِ اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر ٺٽو جي کليل ڪچهري

سنڌي خبرون 20th Oct 2026 91 مناظر
ميرپور ساڪرو ۾ محتسبِ اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر ٺٽو جي کليل ڪچهري

الطاف حسين لغاري شهرين جون روينيو، پوليس، آبپاشي، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين کاتن بابت شڪايتون ٻڌيون

ٺٽو(شفيق ڀٽي)محتسبِ اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر الطاف حسين لغاري پاران ميرپور ساڪرو ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شهرين روينيو، پوليس، آبپاشي، لائيو اسٽاڪ، بلديات، تعليم، صحت ۽ ٻين کاتن بابت پنهنجا مسئلا ۽ شڪايتون پيش ڪيون.ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي، سب رجسٽرار غلام مرتضيٰ ميمڻ، مختيارڪار انور ڪنڀار، ايس ايڇ او گلزار تنيو، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ڪاشف آرائين سميت مختلف کاتن جا آفيسر موجود هئا.ريجنل ڊائريڪٽر الطاف حسين لغاري چيو ته محتسبِ اعليٰ سنڌ جو ادارو سرڪاري کاتن بابت شهرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ هڪ مؤثر فورم آهي. هن شهرين تي زور ڀريو ته اهي پنهنجن جائز مسئلن جي حل لاءِ هن اداري سان رجوع ڪن.هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته شهرين جي شڪايتن جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺي، قاعدن ۽ ضابطن موجب ترت قدم کنيا وڃن ۽ سرڪاري سهولتن جي فراهميءَ ۾ عوام کي پيش ايندڙ ڏکيائين کي ختم ڪيو وڃي.کليل ڪچهري دوران شهرين جون شڪايتون نوٽ ڪيون ويون ۽ انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي ضروري هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ