جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

روس جو وڌيڪ هڪ 16رڪني سياحتي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتو

سنڌي خبرون 31st Oct 2023 248 مناظر

سياحتي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا ۽ ٻيا قديم آثار گهمي ڏٺا،

روس جو وڌيڪ هڪ سياحتي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتو، عورتن ۽ مردن تي ٻڌل 16 رڪني سياحتي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا ۽ ٻيا قديم آثار گهمي ڏٺا، گذريل ڏينهن به روس مان 10 رڪني سياحتي وفد موهن جو دڙو پهتو هو، پرڏيهي سياحن جو چوڻ آهي ته موهن جو دڙو جي تهذيب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، قديم زماني جا ماڻهو تمام گهڻا ذهين ۽ ڪاريگر هئا جن اهڙي عاليشان تهذيب جو بنياد وڌو، موهن جو دڙو دنيا اندر موجود قديم تهذيبن کان مختلف ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ