جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

پنوعاقل جي ڳوٺ مبارڪپور واسي جوڙي جو ڪراچي ۾ پرڻو ڪرڻ بعد احتجاج

سنڌي خبرون 27th Jan 2026 467 مناظر
پنوعاقل جي ڳوٺ مبارڪپور واسي جوڙي جو ڪراچي ۾ پرڻو ڪرڻ بعد احتجاج
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سکر ضلعي جي تعلقي پنوعاقل جي ڳوٺ مبارڪ پور سان تعلق رکندڙ نوجوان جوڙي ڪراچي پهچي ملير ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ورتو. نڪاح بعد نوجوان محمد رمضان دايو ۽ سندس گهرواري دعا دايو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي نوجوان محمد رمضان دايو چيو ته هنن پنهنجي مرضي سان ملير ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي ۽ نڪاح نامو لاڳاپيل ٿاڻي ڏانهن به موڪليو ويو آهي. هن چيو ته سندن نڪاح مڪمل طور قانوني آهي ۽ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ يا زبردستي شامل ناهي.ان موقعي تي ناري دعا دايو چيو ته کيس نه ڪنهن برغلايو آهي ۽ نه ئي ڀڄايو آهي، پر هن پنهنجي مڪمل رضا سان محمد رمضان دايو سان نڪاح ڪيو آهي. هن چيو ته کيس پنهنجي والد ذوالفقار، ظاهر، طارق، زاهد ۽ ٻين مائٽن کان جان جو خطرو آهي.جوڙي آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته کين مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ مخالفن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.جوڙي جو چوڻ هو ته هو پرامن زندگي گذارڻ چاهين ٿا، پر کين ڌمڪين سبب شديد خدشن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ