ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊکڻ ويجھو شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان 2 ڀائر مارجي ويا

سنڌي خبرون 07th Nov 2023 292 مناظر

ھٿياربندن فائرنگ ڪري دودو شر ۽ سندس ڀاءُ وحيد کي قتل ڪري ڇڏيو

ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان لڳ شرن جي وانڍ ۾ ٽمو شر ۽ دودو شر ۾ پراڻي تڪرار تان ڌرين هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ڌر دودو شر جا 2 سڳا ڀائر دودو شر ۽ وحيد شر مارجي ويا،
دودو شر ۽ ٽمو شر ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙو هلندڙ هو ٽمو شر واري ڌر جو هڪ ڄڻو مزاري شر مارجي ويو هو جنهن کانپوءِ دودو شر واري ڌر لڏي وئي هئي ٺاھ کان بغير ٻيهر واپس اچڻ تي ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جنهن ۾ ٻئي سڳا ڀائر قتل ٿي ويا آهن
ڊکڻ پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا جن کي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ