نوشھروفيروز واسي شاگرد ڪراچي جي مواڇ ڳوٺ مان پراسرار نموني گم
نوشھروفيروز واسي شاگرد ڪراچي جي مواڇ ڳوٺ مان پراسرار نموني گم
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جو رھواسي اٺين ڪلاس جو شاگرد شرجيل راڄپر ولد اڪبر راڄپر ڪراچي مواڇ ڳوٺ نور محلا مان غم ٿي ويو ڪجھ ڏينهن پھريان سندس چاچا صحبت راڄپر وٽ ترسيل ھئو جيڪو گذريل ڏينهن گھر کان ٻاهر ويو اچانڪ غم ٿي ويو آهي سندس فون نمبر به مسلسل بند آھي وارثن پاران ڳولا ڪرڻ باوجود به ھٿ ناھي آيو حد جي ٿاڻن ۾ پڻ اطلاع ڪيو ويو آهي کين خدشو آهي ته شرجيل کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن جا وارث سخت پريشان آھن جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ اعلي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته شاگرد شرجيل راڄپر کي واپس ڪرايو وڃي