اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ کنڊر بڻيل روڊ سبب مسافر بس ڪلٽي، 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي

سنڌي خبرون 17th Nov 2023 262 مناظر

سجاول ۾ کنڊر بڻيل روڊ سبب مسافر بس ڪلٽي، 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ روڊ جي خراب حالت سبب مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. سجاول ويجهو مريد کوسو بس اسٽاپ وٽ ڪراچي کان شاهه يقيق ويندڙ مسافر بس سجاول چوهڙ جمالي روڊ گذريل ٽي سالن کان زير مرمت ھجڻ ۽ ڀڳل ٽٽل حالت ۾ ھئڻ ڪري تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي. حادثي ۾ سائرہ، صائم، زينب، شمائله، عبدالرزاق، رحمت الله، بلقيس، اسلام دين سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال سجاول منتقل ڪيو ويو. واضح رهي ته سجاول کان شاهه عقيق تائين روڊ جو تعميراتي ڪم ٽن سالن کان التوا جو شڪار آهي.روڊ جي زبون حالي سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن پر لاڳاپيل ادارا ۽ سنڌ حڪومت اگھور ننڊ پيل آھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ