اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ويجهو استاد مقرر نھ ٿيڻ سبب اسڪول ۾ تدريسي عمل بند پيل

سنڌي خبرون 16th Feb 2024 75 مناظر

سجاول ويجهو استاد مقرر نھ ٿيڻ سبب اسڪول ۾ تدريسي عمل بند پيل

سجاول (رپورٽر) سجاول جي ويجهي ڳوٺ سليمان ٻارڻ ۾ ڪيترن مھينن کان استاد مقرر نه ھئڻ ڪري تدريسي عمل بند , شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو اسڪول تي استاد مقرر ڪري تدريسي عمل بحال ڪيو وڃي ,مطالبو خبر موجب سجاول جي ويجھي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول سليمان ٻارڻ ۾ 6 مهينن کان استاد مقرر نه ٿيڻ سبب 100 کان مٿي شارگرد تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آھن , استاد مقرر ڪري تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي .مقامي ڳوٺاڻن محمد سليم ٻارڻ محمد رحيم, ابو شام ٻارڻ ۽ ٻين ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي اي او تعليم سجاول کان مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول سليمان ٻارڻ ۾ جلد استاد مقرر ڪيو وڄي ته شاگردن کي تعليم حاصل ڪري سگھن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ