پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ڀرسان ڳوٺ ڪارو ماڇي ۾ اڌڙو شخص ناٺي ۽ ڌيءَ هٿان قتل

سنڌي خبرون 25th May 2026 295 مناظر
سجاول ڀرسان ڳوٺ ڪارو ماڇي ۾ اڌڙو شخص ناٺي ۽ ڌيءَ هٿان قتل

ٿڏي تي ڪارروائي ڪندي مقتول جي ڌيءَ فرزانه ۽ ان جي مڙس جاني کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس

سجاول(رپورٽر)سجاول ۾ افسوس ناڪ خانداني تنازو خونريز واقعي ۾ تبديل ٿي ويو. ناٺي پنھنجي سهري کي چاڪو جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب واقعو سجاول ويجھو ڳوٺ ڪارو ماڇي ۾ ٿيو. جتي مقتول ساوڻ ماڇي کي سندس ناٺي حملو ڪري قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي دي فرزانه به پنھنجي مڙس سان مليل ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته شروعاتي جاچ مطابق ڇوڪري پنهنجي پي تي زيادتي ڪرڻ جا سنگين الزام هنيا آهن. پوليس موجب واقعي جو مختلف پاسن کان تفتيش جاري آهي. پوليس ڪاروائي ڪندي ملزم جوڙي. جاني ۽ فرزانه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن تہ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ