ہفتہ، 07 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول ويجھو ٺٽو روڊ تي حادثو، نوجوان فوت ٿي ويو، 5 ڄڻا زخمي

سنڌي خبرون 09th Jan 2024 124 مناظر

سجاول ويجھو ٺٽو روڊ تي حادثو، نوجوان فوت ٿي ويو، 5 ڄڻا زخمي

سجاول (گلشيرميربحر ) سجاول ٺٽو روڊ فواد فارم لڳ روڊ حادثو 16 سال فاروق عمر ميمڻ فوت پنج ڄڻا زخمي جن کي ڪراچي روانو ڪيو ويو سجاول ٺٽو روڊ فواد فارم لڳ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽالي ۾ ٺٽي کان ماني کائي واپس ايندڙ چوھڙ جمالي واسي اڳوڻون ڊي ايڇ او ڊاڪٽر غلام مصطفي ميمڻ جو ڀائيٽو اڳوڻون وائيس چيئرمين حاجي عمر ميمڻ جو 16 سال محصوم پٽ فاروق عمر ميمڻ فوت ٿي ويو. پنج ڄڻا زخمي مستقين نثار ميمڻ ريحان علي محمد ميمڻ سميح ﷲ نياز عمراڻي محمد قاسم پير محمد ميمڻ ارسلان علي محمد ميمڻ جن کي ڪراچي روانو ڪيو ويو..فوتي فاروق عمر ميمڻ جو لاش گھر پهچڻ تي قهرام مچي ويو چوهڙ جمالي شھر جو سوڳوار ماحول ٿي ويو فوتي کي سوين آلين اکين سان سندس آباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ