عمرڪوٽ ۾ ف ليگ جي صوبائي صدر صدر الدين شاھھ راشدي جي سالگرھھ ملھائي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ فنڪشنل ليگ جي صوبائي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي جي سالگرھ ملھائي ويئي، سماجي حلقن، حرجماعت فنڪشنل ليگ جي معززين ۽ ايم ايس ايف جي ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، وڏي ڄمار لاء دعائون گھريون ويون خبر موجب ايم ايس ايف عمرڪوٽ طرفان فنڪشنل ليگ جي صوبائي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي جي سالگرهه جي موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ ڪيڪ ڪاٽي تقريب ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ فنڪشنل ليگ جي صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري فقير غلام نبي منڱريو، صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري وڪيل ڀاگچند ڀيل، ضلعي جنرل سيڪريٽري لياقت جوڻيجو، ايم ايس ايف جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو، ليبر ونگ ضلعي صدر دولت چانگ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري فقير يوسف منڱريو، يوسي ميان جان محمد جي چيئرمين عارف مھر، وائس چيئرمين علي حسن منڱريو. تعلقہ عمرڪوٽ جنرل سيڪريٽري فقير جلال منگريو تعلقہ پٿورو جي سينئر نائب صدر فقير ترڪو منڱريو، تعلقہ پٿورو جنرل سيڪريٽري نھال مھر، يوسي غلام نبي شاھ جي صدر عادل رضا شاھ، ليبر ونگ جو صوبائي نائب صدر مبارڪ منڱريو، سٽي صدر عبدالغفار ناگوري، جنرل سيڪريٽري فقير جادم گجو، انفارميشن سيڪريٽري شھزاد منڱريو، ابوبڪر مگھن منگريو، تعلقه انفارميشن سيڪريٽري ميرڻ مھر، حافظ مھراڻ، پروفيسر يعقوب آريسر، زاھد منڱريو، اسلم مھر، غلام مصطفي مھر، حاجي نور محمد مھر، رحيم موچار منڱريو، غلام قادر منڱريو، فقير رحمت الله ساند، علي گوھر شاھ، جانب شاھ، فقير وڏڻ مھر، سجاول منڱريو، ايم ايس ايف ضلعي صدر علي حسن منڱريو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فياض احمد راڄڙ، نائب صدر ھوٿ خان ڀٽي، نائب صدر غلام شبير راڄڙ، نائب صدر رحمت الله منڱريو، جوائنٽ سيڪريٽري يار محمد منڱريو، انفارميشن سيڪريٽري حر احمد سمون، ايم ڪي مھر، قربان مھر، عمران مھر، دين محمد مھر، خير محمد مھر، حفيظ هاليپوٽو، محمد حسين راڄڙ، فتح منڱريو، علي نواز منڱريو، آصف منڱريو، دائم منڱريو، شبير منڱريو، امين منڱريو، ڀورو ڀيل، عبدالحئي هاليپوٽو، الھواريو منڱريو، فقير اسد منڱريو، رمضان منڱريو، ممتاز مھر سميت ٻين سماجي حلقن حرجماعت ۽ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن توڙي ايم ايس ايف جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سالگرھ ڪيڪ ڪاٽيو ۽ فنڪشنل ليگ جي صوبائي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي جي وڏي ڄمار لاء دعائون گُھريون ويون.