اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

خيرپور جي ھاسٽل مان ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي جو لاش ھٿ

سنڌي خبرون 05th Dec 2023 386 مناظر

خيرپور جي ھاسٽل مان ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي جو لاش ھٿ

خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي سنيا ڪماري پراسرار نموني گرلس ھاسٽل ۾ فوت ٿي وئي
چيو ٻڌايو پيو وڃي ته ميڊيڪل ڪاليج جي فورٿ سيميسٽر جي شاگردياڻي گھوٽڪي جي رھواسڻ سنيا ڪماري ھاسٽل اندر مبينا طور فوت ٿي وئي ٻئي پاسي چوٻول آهن ته شاگردياڻي هاسٽل جي ڪمري ٻاهران پڙهائي ڪري رهي هئي ته اتان ڪري فوت ٿي وئي
واقعي بعد شاگردياڻي جو لاش پهريان سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۽ بعد ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال آندو ويو جتي سندس موت جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته شاگردياڻي جي موت جو اصل سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي
ھوڏانھن اطلاع ملڻ بعد خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جون سوين شاگردياڻيون ۽ شاگرد سول اسپتال خيرپور پهتا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ