ڇهه ڪئنال ڪڍڻ سان پڇڙي جا ماڻهو متاثر ٿيندا: هير سوهو
پارٽي قيادت جو سنڌ اسيمبلي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ ويٺل ميمبرن جو به چٽو موقف آهي ته سنڌو تي ڪو به ڪئنال نه ڪڍيو وڃي
سجاول (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي هيرسوهو سورج سجاولي پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي اڳ ۾ ئي کوٽ آهي ڪئنال ڪڍڻ سان
پوڇڙ ۾ رهندڙ عوام وڌيڪ متاثر ٿيندو وڏو نقصان ٿيندو، ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين. پارٽي قيادت جو سنڌ اسيمبلي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ ويٺل ميمبرن جو به چٽو موقف آهي ته سنڌو تي ڪو به ڪئنال نه ڪڍيو وڃي ۽ سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاه جو پڻ چوڻ آهي ته ڪئنالن خلاف اسان قانوني ويڙه وڙهنداسين ۽ ڪئنال ڪڍڻ ڪون ڏينداسين. ڪڻڪ جي گهٽ اگه هجڻ بابت پڇيل سوال تي هير سوهو چيو ته ڪجه ڏينهن اڳ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو هئو جنهن ۾ ڪڻڪ جو ريٽ مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڳاله ٻوله ڪئي وئي هئي ايندڙ اجلاس ۾ ڪڻڪ جو ريٽ مقرر ڪيو ويندو سنڌ جي آبادگارن کي سٺو ريٽ ملندو ته سنڌ جو آبادگار معاشي طور تي مظبوط بنجندو ۽ سنڌ خوشحال ٿيندي.