جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ گھيڙ گجو واسي اکين جي نور کان محروم ڀائرن جو احتجاج

سنڌي خبرون 27th Feb 2024 49 مناظر

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ گھيڙ گجو واسي اکين جي نور کان محروم ڀائرن جو احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ گهيڙ گجو واسي اکين جي نور کان محروم سومرا برادري جي ماڻهن محمد قاسم ۽ محمد صادق سومرو پاران ڀاءُ گل زمان سومرو کي مبينا گم ڪندڙ ڪراچي واسي قاري ممتاز خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جو ڀاءُ پهرين فيبروري تي ڪراچي واسي قاري ممتاز سان گڏ ويل هيو جنهن سان 15 فيبروري کان پوء رابطو نه ٿو ٿئي ڀاءُ کي قاري ممتاز وارن گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن 10 ڏينهن کان پتو نه پيو پئي هنن چيو ته ڀاءُ گل زمان هڪ ڪروڙ 60 لک روپيا ۽ ٻه فائل کڻي ويو هو جيڪو اسٽيٽ ايجنسي جو ڪم ڪندو آهي جڏهن ته ساڳيا ماڻهو 25 فيبروري تي ڪاري ڪلر جي گاڏي ۾ سوار ٿي اسان جي ڳوٺ آيا جن اسان جي ٻئي ڀاءُ زاهد جي پڇا ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏيندا ويا ته جيئن گل زمان کي گم ڪيو آهي تيئن زاهد کي به گم ڪنداسين هنن آء جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڀاءُ کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ